سي پيڪ فيز 2: نواز شريف دعوت تي چين روانو، نجي دورو يا چيني حڪومت جي دعوت؟

لاهور (مزمل سهروردي) نواز شريف 5 ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿي ويو،  ان سلسلي ۾  ن ليگ ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف جو چين جو دورو ذاتي نوعيت جو آهي، هو اتي پنهنجو چيڪ اپ ڪرائيندو. نواز شريف جون دوري دوران پنجاب جي ترقياتي ڪمن بابت به ملاقاتون ٿينديون،  ذريعن موجب نوازشريف جو چين جو دورو سي پيڪ فيز ٽو جي حوالي سان آهي، ن ليگ جو قائد چين جي دعوت تي ئي بيجنگ وڃي رهيو آهي،چيني حڪومت کيس رياستي مهمان طور گهرايو آهي .هو اتي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندو،چيني ڪميونسٽ پارٽي جي اهم اڳواڻن ۽ چيني حڪومتي عهديدارن سان ملاقاتون ڪندو.

هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 23 اپريل 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.