پريا ڪماري جي آزادي لاءِ مختلف شهرن ۾مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنگرار مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ميرپورماٿيلو، دادو ۽ شهدادپور ۾ احتجاجي مظاهرا  رڪارڊ ڪرايا ويا آهن، ان ڏس ۾ گڏ ڪيل رپورٽن موجب، ميرپورماٿيلي ۾ جي ڊبليو سي اڳواڻ سيد اشرف شاهه، فقير رمضان ڪلوڙ، مير حسن لاشاري، علي نواز جلباڻي، ايازکهاوڙ، ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. ٻئي طرف دادو ۾ سيتا سرجڻهار فورم جي مشهور ميمڻ، شهزاد علي ميمڻ، شبير احمد بالادي، علي اڪبر خانزادو، آصف خانزادو، عبدالرزاق سيال، آذان ميمڻ، محبوب علي بالادي ۽ ٻين احتجاج ڪيو، هوڏانهن شهدادپور ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران عبدالحئي سومرو، منير حيدر لغاري، عبد الله چانڊيو، سپاهي محمد اسماعيل خاصخيلي، علي نواز سريوال، سليم سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. صوڀي ديري ۾ به احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو ويو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته معصوم پريا ڪماري کي اغوا ٿئي 25 مهينا گذري چڪا آهن، پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته پوليس سندس معصوم نياڻي کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي جيڪا پوليس جي نااھلي آهي، هنن موجوده حڪومت کان مطالبو ڪيو ته معصوم پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.