رياستي اداري جي 332 آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي شروع

اسلام آباد/لاهور(معظم فخر)ڳجهي اداري جي ٽن وڏن آفيسرن سميت 332 آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف اداره جاتي پاليسي سان انحراف ۽ هڪ سياسي جماعت جي حمايت ڪرڻ،کين معلومات پهچائڻ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ جي الزام ۾ محڪماڻي ڪارروائي جي شروعات ٿي وئي آهي، الزام ثابت ٿيڻ تي انهن آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، نه رڳو انهن کي نوڪرين تان  برطرف ڪرڻ جو امڪان آهي بلڪه پينشن سميت سمورن اعزازن کان به محروم ڪيو ويندو، انهن سان گڏ انهن کي قيد جي سزا به ڏئي سگهجي ٿي، هڪ سياسي گروهه رياست پاڪستان جي رٽ کي چئلينج ڪري رهيو آهي،ان جو اڳواڻ جيل ۾ هئڻ باوجود آزاداڻي خط ڪتابت ڪري رهيو آهي، مقتدر حلقن جي نوٽيس ۾ اها ڳالهه هئي ته ان گروهه ۽ ان جي سربراهه (عمران خان) کي سسٽم مان ڪٿان نه ڪٿان سپورٽ ملي رهي آهي،قومي سلامتي سان لاڳاپيل شخصيتن اها صورتحال ڏسندي فيصلو ڪري ورتو آهي ته رياست کي گوڏن ڀر بيهارڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي هاڻي سندن سائز مطابق رکيو وڃي، اڊيالا جيل ۾ قيد عمران خان جي نالي سان مضمون اڪنامسٽ ۾ شايع ٿيڻ،آءِ ايم ايف کي پاڪستان جو قرض روڪڻ لاءِ خط لکڻ،معيشت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي قدمن اسٽيبلشمينٽ کي چيڙائي وڌو،تازو عمران خان چيف جسٽس آف پاڪستان کي تڪراري خط لکي ڇڏيو،جڏهن ته سسٽم اندر انهن 332 آفيسرن ۽ اهلڪارن کان علاوه ٻيا به بيوروڪريٽ ۽ اهلڪار شامل آهن جيڪي رياست پاڪستان کي کوکلو ڪرڻ جي جتن ۾ آهن،اسٽيبلشمينٽ حامي صحافي محسن بيگ ٽوئيٽ ڪيو آهي ته ڪو ته آهي جيڪو اڃا به هن فتني ۽ فسادي خان جي مسلسل سهولتڪاري ڪري رهيو آهي ته اهو جيل ۾ وڪيلن ۽ پارٽي اڳواڻن سان اجلاس ڪري ٿو، چيف جسٽس کي استعيفيٰ جو خط لکي ٿو ڪڏهن آءِ ايم ايف کي چوي ٿو ته پاڪستان کي قرض نه ڏيو،هڪ سزا يافته ڏوهاري اهو سڀ ڪري سگهي ٿو؟ان وطن دشمن وٽ ڪاغذ پينسل به پهچي وڃن ٿا هو انهن تي صحيح به ڪري وٺي ٿو ۽ پوري نظام ۽ رياست کي چئلينج ڪري رهيو آهي، ڪو پڇڻ وارو آهي يا نه؟ ست ڪمرن تي مشتمل بيرڪ ۾ رهي رهيو آهي، اهو ڏوهاري نه اتي به وي آءِ پي قيدي آهي، ڇا عدالتون باقي قيدين کي به اها سڀ سهولتون ڏينديون؟ جيڪڏهن ان لاڏلي کي اهي سڀ سهولتون ڏيڻيون آهن ته کيس بني گالا منتقل ڪري ڇڏيو،وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ به هڪ ٽي وي شو ۾ چيو آهي ته جيل ۾ ويهي رياست مخالف سرگرميون ڪرڻ ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي،ان سلسلي ۾ جيل انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اسان کي اڊيالا جيل مان رياست مخالف بيانيو نه بڻائڻو آهي، بلڪه ڪرپشن جو حساب وٺڻو آهي،عمران خان سان سختي ڪئي ويندي، جج صاحب کي به اپيل آهي ته پنهنجي فورم کي  سياسي ٽرائل کان بچائي،ذريعن موجب اداري اندر ويٺل ڪارين رڍن کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 23 اپريل 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.