پي ٽي آءِ به موروثي سياست جي رستي تي هلندڙ!

اسلام آباد (اسد طور) پاڪستان تحريڪ انصاف پنھنجي منشور جي ابتڙ تازين ضمني چونڊن ۾ موروثيت تي عمل ڪندي چونڊيل اڳواڻن جي مٽن مائٽن کي چونڊن ۾ لاٿو ھو.پ پ پ ۽ مسلم ليگ ن جي موروثيت واري سياست خلاف مھم ھلائيندڙ پارٽي خود پنھنجي پروگرام ۽ منشور جي خلاف عمل ڪيو.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ڀاءُ فيصل امين گنڊاپور کي،گوجرانوالا ۾ ايم اين اي محمد احمد چٺاجي ڀاءُ فياض چٺاکي،گجرات ۾ چوڌري پرويز الاھي ۽ لاھور مان سندس  پٽ مونس الاھي کي،باجوڙ ۾ ايم اين اي جي ڀاءَ گلداد کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون، اھڙي ريت پي ٽي آءِ پنھنجي بيانيئي تان ڦري وئي،جڏهن ته ن ليگ بھ پنھنجي اڳواڻن ۽ نمائندن جي مائٽن کي ٽڪيٽ ڏني.جنھن ۾ وفاقي وزير رانا تنوير جي ڀاءُ رانا افضال ،وفاقي وزير احسن اقبال جي پٽ احمد اقبال، مرحوم اڳوڻي وزير  پرويز ملڪ جي پٽ علي پرويز ملڪ، اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي ملڪ احمد جيڪو جنرل باجوا  وٽ پيغام رسائيندڙ ھو ان جي ان جي چاچي ملڪ رشيد خان،وفاقي وزير اويس لغاري جي ڀاڻيجي علي لغاري،ڀڪر مان ايم اين اي، رشيد احمد نواني  جي ڀاءَ  سعيد نواني کي مسلم ليگ ن پاران ٽڪيٽون ڏئي ڪارڪنن جو حق ماريو ويو،جيتوڻيڪ ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ کي سرسي ملي آھي پر اڃان به پي ٽي آءِ کان ووٽ ڦرڻ جي لاءِ وڌيڪ محنت جي ضرورت آھي.پي ٽي آءِ جو ڪارڪن مايوس ٿيو آھي، ڇاڪاڻ جو اھو سمجھي ٿو تھ سندس ووٽن سان ھن وقت اھو حڪومت تبديل نٿو ڪري سگھي.ن ليگ کي وقت ڪاميابي ملي آھي پر ان کي مستقبل ۾ پي ٽي آءِ، زور ٽوڙڻ ۽ اڳيان وڌڻ جي لاءِ سياسي انتقام کان پاسو ڪرڻو پوندو ۽ ان سان گڏپاڻ مٿان لڳل اھو ٺپو پڻ ھٽائڻو پوندو تھ اھا ادارن جي فرمانبردار نھ آھي. جنھن لاءِ ان کي مزاحمتي سياست ڪرڻي پوندي.تازين ضمني چونڊن ۾ ن ليگ 11 سني اتحاد تحريڪ يعني پي ٽي آءِٻھ ، پ پ بھ ٻھ جڏھن تھ پاڪستان استحڪام پارٽي،قاف ليگ ۽ بي اين پي مينگل کي ھڪ ھڪ سيٽ ملي آهي.

هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 23 اپريل 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.