پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي شير افضل مروت حوالي نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)صحافي غريده فاروقي ٽوئيٽ ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ پي ٽي آءِ جي شير افضل مروت کي نه ڏني ويندي، اهڙو ڪو به قانون ناهي ته پي اي سي جي چيئرمين شپ اپوزيشن کي ڏني وڃي، قومي اسيمبلي  جو اسپيڪر جلد فيصلو ڪندو،ان ٽوئيٽ جي جواب ۾ سينئر صحافي رئوف ڪلاسرا لکيو ته اها روايت آهي جيڪا پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت 2008ع ۾ قائم ڪئي جڏهن نواز ليگ جي چوڌري نثار علي خان کي پهريون ڀيرو چيئرمين بڻايو ويو ۽ هن وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪميٽي هلائي آفيسرن خلاف ڏنڊو کنيو،نديم افضل چن  به ڪجهه عرصو چيئرمين رهيو ،هن به ڪميٽيءَ کي چڱيءَ ريت هلائي،پر جڏهن نواز ليگ حڪومت 2013ع ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ته ڪميٽيءَ جي ساک ختم ٿيڻ لڳي،خورشيد شاهه  پي اي سي  جي دهشت،شهرت ۽ وقار کي تباهه ڪري ڇڏيو. آڊٽ رپورٽون پيپلز پارٽي جي پنجن سالن جي حڪومت خلاف هيون،هن لکيو ته خورشيد شاهه جي وزارت ۾ مبينا ڪرپشن جون رپورٽون پيش ڪيون ويون، جنهن تي ان وقت جي ايڊيٽر جنرل اختر بلند رانا سخت احتجاج ڪيو، پوءِ پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ گڏجي کيس عهدي تان هٽايو.هن لکيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پنهنجو رعب،دٻدٻو ۽ اثر ڪڏهوڪو وڃائي ڇڏيو؟ هن وڏي ڪمي کي هاڻي هڪ ايم اين اي جي ضرورت آهي جيڪو نه رڳو ايماندار پر اهل به هجي، ايماندار ۽ قابل ماڻهو هن وقت نه پي ٽي آءِ کي سوٽ ڪري ٿو ۽ نواز ليگ ۽ پ پ کي ته بلڪل سوٽ نٿو ڪري،هن ڀيري محنت سان اهڙو چيئرمين بڻايو ويندو جيڪو ”هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر“جهڙو هجي.

هيءَ خبر ، روزاني عوامي آواز، اڱارو 23 اپريل 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.