پاڪستان جو نين پابندين تي آمريڪا سان احتجاج

اسلام آباد (نجم سيٺي) پاڪستان کي پرزا فراهم ڪندڙ ٽن چيني ۽ هڪ بيلاروس جي ڪمپنين تي پابندي هڻڻ خلاف پاڪستان آمريڪا سان  احتجاج ڪيو آھي ۽ چيو آھي ته هو لڪ چوري ۾ نه پر اعلانيه طور تي اها خريداري ڪندو رهيو آھي،آمريڪا پاران چئن پاڪستانين کي گرفتار ڪيو ويو آھي، ان پابندي جي ٽائمنگ تمام اهم آھي جو ايراني صدر پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آھي جنهن جو مطلب اهو آھي ته پاڪستان کي آمريڪا واضع پيغام ڏنو آھي ته اهو ايران سان گيس پائيپ لائين تي پيش رفت نه ڪري، پاڪستان جو چوڻ آھي ته اهو معاهدو پاڪستان لاءِ موت ۽ زندگي جو مسئلو آھي ۽ ان جو تعلق ايران تي لڳايل آمريڪي پابندين سان نه آھي، ٺاهه تي عمل نه ڪرڻ سان ايران ثالثي ڪورٽ ۾ ويو ته پاڪستان تي 18-ارب ڊالرز جو ڏنڊ پئجي ويندو، ايراني صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي دوري دوران پاڪستان سان گيس پائيپ لائين ٺاهه، بلوچ عليحدگي پسندن جي حملن خلاف پاڪ-ايران سرحد تي سرگرمين کي روڪڻ ۽ آمريڪا پاران خطي ۾ مداخلت وارا معاملا اٿاريا ويندا ته جواب ۾ پاڪستان به ايران اندر پاڪستان مخالف سرگرمين ۽ ڀارت سان چاه بهار واري معاملي ۽ افغانستان ذريعي واپاري سرگرمين وارا معاملا اٿاريندو.

هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 23 اپريل 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.