اڳوڻي آرمي چيف جا مدي ۾ واڌ وٺڻ ۽ عمران خان جي حڪومت ڊاهڻ بابت اهم انڪشاف

لاهور(مجيب الرحمان شامي) اڳوڻي آرمي چيف رٽائر جنرل قمر جاويد باجوا قسم کڻي ساک ڏني آهي ته نواز شريف کي لنڊن موڪلڻ يا عمران حڪومت ڪيرائڻ ۾ سندس ڪو ڪردار ناهي. سينئر صحافي مجيب الرحمان شامي موجب جنرل قمر جاويد باجوا سان هڪ شادي تقريب ۾ ملاقات ٿي، ساڻس گڏ محمد مالڪ به هو. جنرل باجوا ميڊيا بابت شڪايتون ڪيون. هن ٽي اهم ڳالهيون ڪيون. هن قرآن تي هٿ رکي چيو ته نواز شريف جڏهن لنڊن ويو ته ان ۾ سندس ڪو ڪردار نه هو. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ به سندس ڪو ڪردار نه هو، هو هن ۾ ملوث ناهي. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته نه هن ملازمت جي مدي ۾ واڌ لاءِ ڪنهن کي مجبور ڪيو نه ئي ايڪسٽينشن جي ڪا خواهش ظاهر ڪئي هئي.  مجيب الرحمان شامي چيو ته ان وقت محمد مالڪ ۽ مان هٿ پڪڙي ويهي رهيا سين. حفيظ الله نيازي به ويجهو هو، جنهن چيو ته جلد اعتبار ڪري ويو، جنهن تي مون مالڪ چيو ته اسان ته هن جي قسمن جي وزن ۾ دٻجي وياسين.

هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 23 اپريل 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.