چوري جو مال وڪڻندڙ مارڪيٽن خلاف به ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 31هين ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته چوري ٿيل يا ڦريل موبائل فونن ۽ گاڏين جي اسپيئر پارٽس کي مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪرڻ تي نظر رکڻ لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڪچي واري  علائقي ۾ ڌاڙيلن کي روڪڻ لاءِ پوليس چوڪيون قائم ڪيون وينديون. وڏي وزير چيو ته اغوا ٿيلن جي گهرڀاتين کان ڀنگ گهرڻ کي دهشتگردن جي مالي مدد سمجهيو ويندو ۽ ڀنگ جي رقم گڏ ڪرڻ ۾ سهولتڪاري ۾ ملوث ماڻهن جي انٽيليجنس ذريعي نشاندهي ڪئي ويندي ته جيئن انهن کي ختم ڪري سگهجي. اجلاس سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وزير اطلاعات شرجيل ميمڻ، گهرو وزير ضياءَ لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڊي جي رينجر ميجر جنرل اظهر وقاص، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري گهرو اقبال ميمڻ، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب، چيف ڪسٽم ڪليڪٽر محمد يعقوب ماڪو، واٽر بورڊ جا اعليٰ آفيسر اسدالله خان ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.  گهرو وزير ضياءَ لنجار ۽ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پوليسنگ ۾ بهتري سبب اسٽريٽ ڪرائم ۾ گهٽتائي آئي آهي خاص ڪري موبائل فونن ۽ فور ويلر ۽ ٽو ويلر گاڏين جي چوري ۾ گهٽتائي آئي آهي موٽرسائڪلن جي ڇنڻ وارن واقعن ۾ ٿورو اضافو ٿيو آهي. 2023  ۽ 2024 جي پهرين ٽن مهينن (جنوري کان اپريل) جا انگ اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چوري جي واقعن جي تعداد گهٽجي وئي آهي. 2024 ۾ 15,345 موٽرسائيڪلون چوري ٿيون جيڪي 2023 ۾ رپورٽ ٿيل 16,298 واقعن کان 953 واقعا گهٽ آهن. ساڳي ريت فور ويلر گاڏين جي چوري ۾ 145 واقعن جي گهٽتائي ٿي ۽ 2024 ۾ 520 گاڏيون چوري ٿيون جڏهن ته 2023 ۾ 665 گاڏيون چوري ٿيون. ضبط ٿيل موبائيل فونن جي تعداد ۾ پڻ گهٽتائي آئي، 2024 ۾ 6,813 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 2023 ۾ انگ 8688 هو جيڪو 1875 ڪيسن جي گهٽتائي ڏيکاري ٿو. انگن اکرن موجب فور ويلر ۽ ٽو ويلر گاڏين جي چوري جي واقعن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 2024ع ۾ پوليس جا 467 مقابلا ٿيا انهن مقابلن ۾ 67 ڏوهاري مارجي ويا، 489 زخمي ٿيا ۽ 1766 گرفتار ٿيا. جوابدارن وٽان هٿ آيل هٿيارن ۾ هڪ ايس ايم جي، 2111 پستول، 30 رائفل، 7 شاٽ گن ۽ 18 دستي بم شامل آهن. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته شاهين فورس کي 386 موٽرسائيڪل اسڪواڊ سان ٻيهر فعال ڪيو وڃي. اسڪواڊ کي رش وارن ڪلاڪن دوران نشاندهي ٿيل هاٽ اسپاٽ تي گشت ڪرڻ گهرجي ۽ هر ايس ايس پي کي گشت پلان جاري ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. ان کان علاوه پوليس کاتي کي مددگار15 کي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي سينٽرل پوليس آفيس (سي پي او) ۾ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر کي اپ گريڊ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن وقت 2000 ڪئميرائون اڳ ۾ ئي لڳل آهن، 325 نيون ڪيمرائون لڳايون پيون وڃن ۽ 500 پراڻين ڪيمرائن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ته جيئن حفاظتي قدمن کي وڌايو وڃي. اجلاس کي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ٻڌايو ته هن سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن ضلعن جو دورو ڪيو آهي جتي ڌاڙيل وڏا مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جولاءِ 2022 کان وٺي وڏي وزير سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي 107 پوليس چوڪيون قائم ڪيون آهن جتي هن وقت 759 پوليس اهلڪار مقرر آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جنوري کان 19 اپريل 2024 تائين 118 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو جن مان 96 کي بازياب ڪرايو ويو ۽ 22 لاپتا آهن. گهرو وزير اجلاس کي يقين ڏياريو ته ڄاڻايل علائقن جو دورو ڪيو آهي ۽ باقي ماڻهن کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هنن 3000 پوليس اهلڪارن کي بچايو آهي ۽ 1000 کي گهوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ مقرر ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن آر پي او بهاولپور ۽ ڊي آءِ جي راجن پور سان پنجاب صوبي پاران پوليس چوڪين جي قيام بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل تي ڪم تيز ڪيو وڃي. ڊي جي رينجرز وڏي وزير کي ٻڌايو ته پل جي تعميراتي ڪم ۾ مزدورن جي سڪيورٽي لاءِ رينجرز کي به مقرر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.