ڪي پي ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران آپريشن، 11 دهشت گرد مارجي ويا

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۽ اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردن جي موجودگي  جي اطلاع تي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز 2 مختلف آپريشنز ڪيا، انٽيليجنس جي بنياد تي هڪ آپريشن اتر وزيرستان ۾ ڪيو ويو جتي هڪ دهشتگرد مارجي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ٻيو آپريشن ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪيو ويو جتي 10 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ سرگرم رهيا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته علائقي جي رهواسين سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين جي تعريف ڪئي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.