پي ٽي آءِ ننڍين چونڊن کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو، جمع تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ  ملڪ ۾ مختلف علائقن ۾ ٿيل ننڍي چونڊن کي ڌانڌلي فراڊ قرار ڏيندي جمعي تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو  علان ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پارٽي جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ ننڍيون چونڊون نه هنيون، اهو ڊرامو رچايو ويو. بئريسٽر گوهر چيو ته اليڪشن ڪميشن عوام کي ٻڌائي ته ضمني اليڪشن ۾ عدليه کان آر او ڇو نه ورتا ويا، اسان اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪيو، پر 24 ڪلاڪ گذري ويا آهن پر اڃا تائين ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. هن چيو ته پولنگ اسٽيشنن تان اسان جي پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍيو ويو. بئريسٽر گوهر چيو ته ووٽ جمهوريت آهي، جنهن کي پارليامينٽ جو ستون سمجهيو وڃي ٿو، ووٽ جو صحيح استعمال اصل نتيجا ڏئي ٿو، ضمني چونڊن ۾ ڇا ٿيو سڀني ڏٺو. هن چيو ته ڪالهه جڏهن هو هڪ پولنگ اسٽيشن تي پهتو ته پرزائيڊنگ آفيسر چيو ته 750 ووٽ رجسٽرڊ آهن پر ان پولنگ اسٽيشن تي 900 کان وڌيڪ ووٽ ڪاسٽ ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.