پي ٽي آءِ حڪومت جي وفاقي وزيرن جا نالا اي سي ايل مان خارج

اسلام آباد (م ڊ): پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران وفاقي ڪابينا ۾ شامل ميمبرن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان ڪڍيا ويا. ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم، پي ٽي آءِ جي باني عمران خان، سندس گهر واري بشرا بي بي، اڳوڻي خاتون اول جي ويجهي دوست فرح گوگي ۽ پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ زلفي بخاري جا نالا اي سي ايل ۾ شامل هوندا. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته موجوده وفاقي ڪابينا پي ٽي آءِ ڪابينا ميمبرن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت نيب جي سفارش تي اي سي ايل مان نالا ڪڍڻ جي منظوري ڏني. اڳوڻي وفاقي وزير غلام محمد کانسواءِ خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو. سرور خان، مراد سعيد، پرويز خٽڪ، شفقت محمود جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا. اي سي ايل مان خارج ٿيلن ۾ اعجاز شاهه، علي زيدي، خسرو بختيار ۽ اعظم سواتي جا نالا به شامل آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اي سي ايل مان نالا ڪڍڻ وارن ۾ فرخ نسيم، شيرين مزاري ۽ ٻيا شامل آهن. واضح رهي ته گذريل سال مئي ۾ عمران خان، سندس گهرواري بشرا بي بي ۽ ڪيترن ئي پارٽي اڳواڻن جا نالا نو فلائي لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي نالا عارضي قومي سڃاڻپ لسٽ (پي اين آءِ ايل) ۾ شامل ڪيا ويا آهن، عام طور تي اي سي ايل طور مشهور آهي. اهو فيصلو ايف آءِ اي، نيب ۽ پوليس جي سفارش تي ڪيو ويو. ذريعن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نالا 9 مئي جي فسادن ۽ ڪرپشن جي مختلف ڪيسن جي ڪري شامل ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.