مودي ڀارتي مسلمانن کي زوري گهڙي ويٺل قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي  (م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي مسلمان دشمني هڪ دفعو ٻيهر کولي سامهون اچي وئي مودي ڀارتي مسلمانن کي گهڙي ويٺل قرار ڏئي ڇڏيو، ڀارت ۾ چونڊن دوران ڀارتي وزيراعظم مودي چونڊ مهم جي آڙ ۾  نفرت ڏياريندڙ تقرير ڪندي ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن کي درانداز قرار ڏئي ڇڏيو، راجستان ۾ چونڊ مهم دوران تقرير ڪندي مودي چيو ته ڪانگريس اقتدار ۾ آئي ته ملڪ جي دولت ان  کي ورهائي ويندي، جن جا وڌيڪ ٻار آهن، گهڙي ويٺلن ۾ورهائي ويندي، مودي چيو ته ڪانگريس جي من موهن سنگهه جي حڪومت اڳ  به چيو هو ته ملڪ جي دولت تي پهريون حق مسلمانن جو آهي، ڪانگريز مودي جي تقرير تي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته مودي جو بيان نفرت ڏياريندڙ ۽ ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، ڪانگريز اليڪشن ڪميشن کان گهر ڪئي آهي ته چونڊ مهم آف ڪنڊٽ جي ڀڃ ڪڙي تي جاچ ڪئي وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.