ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) صالح پٽ تعلقي جي سنگرار شھر مان اغوا ڪري قيدي بڻايل معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا رڪارڊ ڪرايا ويا. ان ڏس ۾ گڏ ڪيل رپورٽن موجب، خيرپور ۾ شوڪت نوناري، خان محمد سولنگي، علي جعفري، صابر مھيسر، شھناز شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب خيرپور کان مريم توب تائين احتجاجي ريلي ڪئي وئي. ٻئي طرف اوڏيري لال ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران احساس ميرل جي اڳواڻي ۾ مظاهرو رڪارڊ ڪرايو ويو، مظاهري ۾ فقير بلاول خشڪ، حاجي غلام حيدر خاصخيلي، اعجاز ٻرڙو، شيوا لال، حيدر امان، خليل ابڙو، شيرل سولنگي، سنتوش ڪمار، خالد علي ميرالي، نور محمد جسڪاڻي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته باڊهه ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي ڏنل سڏ تي وفا صالح راڄپر، سارنگ امر، ھوش محمد ڀٽي، اقبال کوکر، اڪبر آزاد ھيسباڻي، نور محمد بليدي، قربان علي قرب پنھور غلام محمد ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪاميٽي باڊھه اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي. هوڏانهن ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن ۾ ساڃاھه وندن ۽ باشعور رھواسين رزاق ديشي، محمد شريف چانڊيو، آفتاب احمد ۽ فدا جوڻيجو پنهنجي ٻارڙن سميت پلي ڪارڊ کڻي ڌرڻو ھڻي ڇتي نعريبازي ڪئي. جڏهن ته خان پور مهر ۾ سماجي تنظيم جي ڊبليو سي جي سڏ تي شهرين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن پاران هٿن ۾ بينر کڻي عبدالقيوم مهر، حافظ نصرالله گبول، سائل قاضي، دودو مهر، ياسين ميراڻي، لالچند ارشي، نواب ميراڻي، آفتاب سيال، ڌنيش ڪماڻي، شاد مهر، آفتاب سيال، احسان قاضي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقي پريس ڪلب خانپورمهر آڏو بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. هوڏانهن نوشھروفيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ بچل مھر ۽ سنڌ ادبي سنگت شاخ نوشھرو فيروز پاان نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، جنهن جي اڳواڻي ايم ظفر تڳر، يونس راڄپر، امجد ميمڻ، مير حسن مھر، خادم سيال، عتيق الرحمان وسطڙو ۽ ٻين ڪئي. ٻئي طرف جيڪب آباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گل مستوئي، الطاف گوھر پيچوهو، عباس سارنگ، عمران جمالي ۽ محمد ھاشم ساگر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو رڪارد ڪرايو ويو. جڏهن ته پريالوءِ ۾نامياري شاعر سجاد ميراڻي، سعيد سنڌي، استاد ڪندن لال، رزاق ميراڻي، سرفراز سومري ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو. هوڏانهن چيلهار ۾ قديمي رائچند راٺوڙ پبلڪ لائبريري کان مُک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ سنڌي ادبي سنگت چيلھار جي عهديدارن، ميمبرن سميت، اُستادن، شاگردن، واپارين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گوبند چيلاڻي، جيون چيلهاريو، نندلال، روهيل پون، پرڪاش اوجھا، شنڪر باغي ۽ مُشتاق قاسماڻي خطاب ڪيو. ٻئي طرف سنڌڙي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي ارشاد علي جوڻيجو، مرتضيٰ ڪالرو، شير محمد ھاليپوٽو، امداد ڪانھيو، جيرام داس، اٻوجهه حسيب ڪانھيو، عبدالغني شر، ليکراج مل ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري وڏي عرصي کان قيد آھي، جنهن جي آزادي لاءِ سموري سنڌ سراپا احتجاج هجڻ باوجود حڪومت ڪا داد رسي ناهي ڪئي، هنن وڌيڪ چوڻ هو ته پريا ڪماري 2 سالن کان قيد ۾ آهي جيڪو ڪنھن به صورت ۾ بردداشت جوڳو عمل ناھي. ھنن مطالبو ڪيو ته معصوم نياڻي کي ترت آزاد ڪرائي اغوا ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.