پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي(رپورٽر)پريا آزادي ڪميٽي (پي اي سي) پاران ٽي سال اڳ سکر ويجهو سنگرار شهر مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لا پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ،احتجاج جي اڳواڻي لياقت جلباڻي،سهڻي پارس، آفاق ڀٽي ،يونس مهر ۽ ڊاڪٽر برما جيسراڻي ڪئي،اڳواڻن جو چوڻ هو ته پريا ڪماري ڪيس تي حڪومتي ادارن جي ڪارڪردگي خود سندن وجود تي سواليا نشان آهي،حڪومت جوڙيل جي آءِ ٽي ڪيس ۾ ٿيل اڳڀرائي ظاهر ڪري،اڳواڻن جو چوڻ هو ته ان معاملي ۾ ھندو برادري ۽ سندن اڳواڻن جو ڪردار به انتھائي افسوسناڪ آھي،ڀرپور احتجاجن ذريعي  ئي بي حس حڪمرانن کي جاڳائي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.