رضا رباني طرفان پاڪستان کي سامان ڏيندڙ ڪمپنين تي پابندي جي مذمت

ڪراچي ( م ڊ ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پ پ  اڳواڻ رضا رباني پاڪستان کي سامان فراهم ڪندڙ چئن ڪمپنين تي آمريڪي پابندي جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته آمريڪا طرفان پابندي وارو قدم سياسي مقصدن لاءِ آهي جنهن کي رد ڪيون ٿا، هي قدم آمريڪا جي پاڪستان سان امتيازي سلوڪ ۽ ٻٽي معيار ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان سان معاملي جا ثبوت شيئر نه ڪيا ويا، اهڙا فيصلا جوهري پروگرام جي روڪٿام ۽ علائقائي امن ۽ سلامتيءَ کي ڪمزور ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين کي ان معاملي تي اعتماد ۾ ورتو وڃي ته پابندين جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا ۽ انهن کي گهٽائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ڪميٽين کي اِهو به ٻڌايو وڃي ته ڳجهي ڄاڻ آمريڪا تائين ڪيئن پهتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.