ڪراچي يونيورسٽي پاران ايراني صدر کي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي منظوري

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ جي خاص اجلاس ۾ ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي کي پي ايڇ ڊي جي اعزازي  ڊگري ڏيڻ جي اتفاف راءِ سان منظوري ڏني وئي آهي،  واضح رهي ته ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي پي ايڇ ڊي جو اعزازي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي سفارش سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي چانسلر ۽ سنڌ جي گورنر محمد ڪامران خان ٽيسوري پاران بحيثيت چانسلر ڪئي هئي. ان حوالي سان ڪراچي يونيورسٽي کي سنڌ جي گورنر جو باضابطه خط مليو هو، جنهن تي ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي ايراني صدرت کي اعزازي ايوارڊ ڏيڻ جي حوالي سان سنڊيڪيٽ جو خاص اجلاس طلب ڪيو. جنهن ۾ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي کي ڊاڪٽر آف فلاسفي جي ڊگري ڏيڻ جي حوالي سان منظور ڏني وئي آهي.

  • بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪجهه ضلعن ۾ اڄ به موبائل سروس بند رهندي

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موجب ضمني چونڊن دوران ڪجهه ضلعن ۾ سروس  عارضي طور تي معطل رهندي.پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت جي هدايتن جي روشني ۾ موبائل فون سروس بند ڪئي ويندي، 21 ۽ 22 اپريل تي پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه ضلعن ۾ موبائل سروس عارضي طور تي بند رهندي.پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته چونڊ عمل کي بنا ڪنهن وقفي ۽ شفاف انداز ۾ مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پنجاب جي گهرو کاتي گذريل ڏينهن ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ صوبي جي 13 ضلعن ۽ تعلقن ۾ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.پنجاب جي گهرو کاتي جي خط ۾ ضلعي لاهور، قصور، شيخوپوره، گجرات ۽ تعلقن تلهه گنگ، چکوال، ڪلارڪهار، علي پور ڇٽا، ظفروال، ڀکر، صادق آباد، ڪوٽ ڇٽا ۽ ڊيرا غازي خان ۾ فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. شهر جي سفارش ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.