آمريڪا پاڪستان کي ايران سان ويجهو نه ٿيڻ جو پيغام ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (نجم سيٺي) آمريڪا پاڪستان کي  بئلسٽڪ ميزائل پروگرام لاءِ مدد ڪندڙ 4 ڪمپنين تي پابندي لڳائي ان کي ايران سان لاڳاپا نه وڌائڻ جو پيغام ڏنو آهي. آمريڪا کي شڪ هو ته 3 چيني ۽ هڪ بيلاروسي پاڪستان کي ميزائل پروگرام جا اوزار ۽ هٿيار پهچائن ٿيون، جتان اهي ايران ۽ يمن وڃن ٿا. اهي پابنديون اهڙي وقت لڳايون ويون آهن، جڏهن هو 22 اپريل تي ايران جو صدر پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي. آمريڪا جو پاڪستان تي اهو دٻاءُ آهي ته ايران جي ويجهو وڃڻ جي ڪوشش نه ڪري، آمريڪا جو  پاڪستان تي الزام آهي ته اهو ميزائيل ٽيڪنالاجي ايران ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي. آمريڪا اهو قدم سوچي سمجهي قدم کنيو آهي. ايراني صدر پنهنجي دوري دوران پاڪستان قيادت سان وچ اوڀر جي صورتحال، پاڪ – ايران گئس پائيپ لائين ۽ پاڪستان سرحد اندارن ايران تي ٿيندڙ حملن جا معاملا اٿاريندو. ايران جو چوڻ آهي ته پاڪستان مان ٿيندڙ حملا بلوچ ويڙهاڪ ڪن ٿا، جن کي آمريڪي سي آءِ اي جي سپورٽ مليل آهي، انهن حملن کي روڪڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي وڃي. آمريڪا ايران سان گيس پائيپ لائين جي منصوبي تي اڳ ئي ڪاوڙيل آهي. ايراني صدر دوري دوران منصوبي تي پاڪستان جي سنجيدگي جو جائزو وٺندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.