ايراني صدر ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ پاڪستان پهچندو

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي اڄ (سومر) 22 اپريل کان 24 اپريل تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. هو ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي به حاضري ڏيندو. سفارتي ذريعن موجب ايراني صدر پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ويندو، صدر رئيسي سومر تي وزيراعظم شهباز شريف،صدر آصف علي زرداري ،سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي  اسپيڪر سان ملاقاتون ڪندو، سومر جي شام ايراني صدر ابراهيم رئيسي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو. ايراني صدر اڱاري تي لاهور ويندو. لاهور ۾ ايراني صدر پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان سان ملاقات ڪندو. پنجاب جي گورنر طرفان ايراني صدر کي مانجهاندو ڏنو ويندو. اڱاري تي ايراني صدر ڪراچي پهچندو جتي ان جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گورنر سان ملاقات ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.