لکي غلام شاهه ۽ مديجي ۾ مقابلا، 2 ڌاڙيل مارجي ويا، هڪ زخمي

لکي غلام شاهه/شڪارپور (نمائندا) شڪارپور پوليس جا لکي غلام شاهه ۽ مديجي لڳ ڏوهارين سان ڌار ڌار مبينا مقابلا 2 ڏوهاري  مارجي ويا، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار، شڪارپور پوليس مديجي ڊکڻ روڊ تي ڏوھه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مبينا مقابلي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته لکي غلام شاهه لڳ جهان خان چوڪي جي حد مڏ کوسو روڊ تي مبينا مقابلي دوران هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جنهن جي سڃاڻپ اعجاز بروهي طور ڪئي وئي آهي. هوڏانهن  گذريل ڏينهن شڪارپور پوليس هٿان ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ انعام يافته ڏوھاري ايس پي تيغاڻي مقابلي ۾ مارجي ويو،نواب تيغاڻي زخمي ٿي پيو پوليس موجب تيغاڻي گينگ جي ڏوھاري ايس پي تيغاڻي مٿان سرڪار پاران 20 لک رپيا انعام رکيل ھو،ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آپريشن جاري آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.