ڊيرا اسماعيل خان ۾ وري دهشت گردي، 2 ڪسٽم اهلڪار قتل، 2 زخمي

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ)خيبرپختونخواه صوبي جي ڏاکڻي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ ڪسٽم کاتي جا ٻه اهلڪار مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. ڊيرا اسماعيل خان پوليس جي ڊي ايس پي محمد  عدنان ٻڌايو ته ڪسٽم اهلڪار پنهنجي ڊيوٽي دوران گاڏين جي چيڪنگ ڪري رهيا هئا ته اڻڄاتل ماڻهن مٿن فائرنگ ڪئي. هن چيو واقعي بعد علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو آهي. ڪنهن به گروپ حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٽي ڏينهن اڳ ساڳئي علائقي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪسٽم کاتي جي هڪ آفيسر سميت 5 اهلڪار مارجي ويا هئا. جنهن کانپوءِ پاڪستان ۽ افغانستان جي حڪمران طالبان وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. پاڪستان حملن لاءِ افغان سرزمين استعمال ٿيڻ جو الزام هڻي طالبان کان مطالبو ڪري ٿو انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. جڏهن ته طالبان افغان سرزمين کي ويڙهاڪيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جا سيڪيورٽي مسئلا ان جو اندروني معاملو آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.