هائبرڊ جنگ آمريڪا جي ذلت آميز شڪست ۾ بدلجي ويندي: روس

ماسڪو (م ڊ) آمريڪي ايوان نمائندگان پاران يوڪرين لاءِ 60 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي سيڪيورٽي امداد ڏيڻ جي منظوري تي روس سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب آمريڪا چاهي ٿو  ته يوڪرين آخري يوڪريني شهري جي قتل ٿيڻ تائين جنگ جاري رکي، روس خلاف هڪ هائبرڊ جنگ طرف وڌيو پيو وڃي، ترجمان جو چوڻ آهي ته هائبرڊ جنگ ويٽنام ۽ افغانستان وانگر آمريڪا لاءِ ذلت واري شڪست ۾ تبديل ٿي ويندي. روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته آمريڪا پاران عام يوڪريني شهرين کي مارڻ لاءِ چارڻ طور استعمال ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.