گوادر ۾ 27 ماڻهو 5 ڏينهن کان ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل

گوادر (م ڊ) گوادر جي ڳوٺ مرادي ۾ گذريل 5 ڏينهن کان ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل 27 ماڻهن کي اڃا تائين انتظاميا نه ڪڍي  سگهي آهي. پاڻي ۾ ڦاٿل 27 ماڻهن ۾ 6 عورتون ۽ 8 ٻار به شامل آهن. نيوي جا هيلي ڪاپٽر کين کاڌي پيتي جو سامان فراهم ڪري رهيا آهن. پاڪ فوج ۽ ايف سي جي گڏيل ڪوششن سان پاڻي هيٺ چمن هاءِ وي کي بحال ڪيو ويو. هوڏانهن آزاد ڪشمير ۾ برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب مظفرآباد، مانسهره، نيلم، حويلي ۽ پونچھه ضلعن ۾ ڪيترائي روڊ رستا بند آهن. پاڪ افغان سرحد تي ٻوڏ سبب 12 ڳوٺن جو دنيا سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. برساتن سبب متاثر هرنائي ۽ تفتان ريلوي سيڪشن جي مرمت جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ڪوئيٽا-تفتان سيڪشن تي ٽرينن جي اچ وڃ 11 ڏينهن کان معطل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.