غوثپور لڳ فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، عورتن ۽ ٻارڙن سميت5 ڄڻا زخمي

ڪنڌڪوٽ /غوثپور(نمائندن وٽان)غوثپور ڀرسان ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد جي علائقي ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. 2 ڄڻا ايس پي تيغاڻي ۽ واٽھڙو امجد تيغاڻي مارجي  ويا، جڏھن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. شڪارپور ضلعي جي ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد جي ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين نواب تيغاڻي ۽ مرزا تيغاڻي ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي  تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان پنهنجي جديد ھٿيارن سان منهن کولي ڇڏيا آھن، فائرنگ سبب نواب تيغاڻي ڌُر جو ايس پي تيغاڻي مارجي ويو ۽ نواب تيغاڻي زخمي ٿي پيو. مرزا تيغاڻي ڌر جي عورتن ۽ ٻارن سميت مجموعي طور تي پنج ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، جڏهن ته فائرنگ سبب مال چاريندڙ واٽھڙو ڌنار امجد تيغاڻي به گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو. ٻنهي ڌرين ۾ آخري اطلاع تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو 7 علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.