گورنر ڪامران ٽيسوري پاران سنڌ روزگار اسڪيم شروع ڪرڻ اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي شهر جي نوجوانن ۽ بيروزگارن لاءِ ”گورنر سنڌ روزگار اسڪيم“ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن پروگرام تحت نوجوانن ۽ بي روزگار ماڻهن کي روزگار شروع ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي، گورنر چيو آهي ته نوجوان روزگار لاءِ پنهنجون تجويزون آڻيندا ته اسان ڀرپورسهڪار ڪندادسين،  ان سلسلي ۾ سنڌ جي نامور دانشور ۽ اديب انور مقصود سان ڪامران ٽيسوري پڻ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي انور مقصود شروع ٿيندڙ نئين اسڪيم جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو. انور مقصود جو چوڻ آهي ته هن شهر ۾ ڪيترائي پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگار آهن ۽ روزگار جي شديد کوٽ آهي. اسان سڀني کي گڏجي هن صوبي جي ترقي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.