ايراني صدر جي پاڪستان دوري تي آمريڪا ۾ بي چيني

واشنگٽن (قمر چيما) غزا تي بمباري ڪرڻ لاءِ آمريڪا پاڻ اسرائيل کي ٽي ارب ڊالرن جا هٿيار ڏنا جڏهن ته پاڪستان جي ميزائيل پروگرام کي روڪڻ چاهي ٿو،تازو بحر احمر ۾ آمريڪا جي آمريڪي ٻيڙي تي جيڪو حملو ٿيو ان بابت آمريڪا جو چوڻ آھي ته ان ۾ جيڪو ميزائيل استعمال ٿيو ان ۾ پاڪستان جهڙي ميزائيل جا پرزا موجود آهن، آمريڪا 2021 ۾ يارنهن ڪمپنين ۽ هاڻي ٽن  ڪمپنين تي پابندي هنئي آھي،آمريڪا ڏٺو ته هاڻي آءِ ايم ايف وٽ پاڪستان ڦاٿل آھي انڪري موقعو ڀلو آھي، ٿي سگهي ٿو ڀارت به ملوث ھجي،ايراني صدر جو به دورو آھي ۽ سعودي وفد به آيل آھي،آمريڪا دراصل پاڪستان کي وارننگ ڏني آھي، جڏهن ته آئي ايم ايف چيو آھي ته ڀارت 2025ء ۾ جاپان کي ڪراس ڪري دنيا جي چوٿين وڏي معيشيت بڻجي ويندو۔ جڏهن ته مصنوعي ذھانت ۾ ڀارت ۽ جاپان سڀ کان اڳتي آھن، ٻئي طرف 2024ء ۾ دنيا جي 60-سيڪڙو جي ڊي پي ايشيا ۾ ھوندي۔ ان لاء پاڪستان کي انڊيا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻا پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.