لاهور ۾ تربيتي ورڪشاپ لاءِ ويل سنڌ واسي ملازمن ۽ نياڻين سان بدسلوڪي،احتجاج

لاهور(عوامي آواز نيوز)واٽس ايپ گروپن ۾ وائرل ٿيل هڪ پيغام مطابق لاهور ۾ پي ڊي ايم اي جي تربيتي ورڪشاپ ۾ شرڪت لاءِ ويل سنڌ واسي ريسڪيو ملازمن ۽ نياڻين سان مبينا بدتميزي جو واقعو پيش آيو  آهي،سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ 50 کان وڌيڪ ريسڪيو ملازمن کي اڪيڊمي مان نيڪالي ڏني وئي،سنڌ جي ريسڪيو سروس ڊبل ون ڊبل ٽو جي نوجوان ملازمن جو ٽريننگ اڪيڊمي لاهور انتظاميا جي مبينا بدسلوڪي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن،سهيل منگي، واجد مهيسر، فياض عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ واسي ملازمن احتجاج ڪيو آهي،مظاهرين جو چوڻ آهي ته سنڌ جي بحالي کاتي پاران فائر اينڊ ريسڪيو ٽريننگ جي ٻئي مرحلي لاءِ اسان کي لاهور اڪيڊمي اماڻيو ويو هو،پي ڊي ايم اي جي تربيتي ڪورس دوران انتظاميا پاران سنڌ واسي ملازمن ۽ نياڻين کي هيسايو پيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.