ھندوستان چونڊون: ھر ھنڌان کٽبو

تحرير: امتياز عالم

”ھن ڀيري چار ئي پاسا پار“ (يعني ھر ھنڌان کٽبو)جي نعرن ۾ نريندر مودي آسام ۾ جلسي  کي خطاب ڪندي ھي جذباتي اعلان ڪيو ته 5 صديون بعد،اڄ  رام جي جنم ڀومي رام مندر (ايوڌيا) ۾ رام کي سورج تلڪ لڳي رھيو آھي.جنھن تي، جيئي رام  وارن نعرن سان پنڊال گونجي پيو. پر ان  جوش سان نه،جڏھن  6 ڊسمبر 1997ع تي ايوڌيا ۾ هندوسيوڪن  پنج سئو سال پراڻي بابري مسجد کي ڊاٿو ھو تھ  مبينا طور تي رام مندر کي ڊاهي ڪري   ٺاهي وئي هئي. ھندوستان  جي 18 هين لوڪ سڀا جي چونڊن جي 7 مان پهرين مرحلي جي پڄاڻي تي ھن ڀيري  2019ع جي چونڊن جي 69 سيڪڙو ووٽن جي مقابلي ۾ هن ڀيري رڳو 63 سيڪڙو ووٽ ڪاسٽ ٿيا آهن.

102  سيٽن تي ٿيل چونڊن ۾ اڀري آئي آھي ڊي ايم ڪي ، جيڪا دراوڙ قومپرستي ۽ مخالف هندوتوا ايجنڊا تي، تامل ناڊو ۾ 39 سيٽن مان ھڪ اڌ کانسواءِ اڪثر سيٽن تي حاوي رھي.اولھه بنگال جي ڪوچ بھار،ڪرناٽڪ ۽ اولهھ يوپي ۽ راجسٿان ۾ سخت مقابلي کي نظر ۾ رکندي سئو کان وڌيڪ سيٽن تي (بي جي پي) جي ڪاميابي جي دعوائن کي سخت ڌڪ لڳو.

چونڊن جي پهرين مرحلي کان هڪ ڏينهن اڳ رام ليلا جي جشن جي باوجود، هندوتوا  واي لھر اڪثر اثر انداز نھ ٿي سگھي. هڪ سروي موجب 70 سيڪڙو هندستانين جي خيال  ۾ هندستان سڀني جو آهي، رڳو هندن جو نھ آھي. هن ڀيري مودي پنهنجي گارنٽي جي زور تي ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ وڃي رھيو آهي، پر ھن جي  ان گارنٽي مان ھوا ڪنھن ٻئي نھ پر چئن ڏھاڪن جي روزگاري ۽ مھانگائي ڪڍي ڇڏي آھي.جيڪي ترتيبوار 27 سيڪڙو ۽ 23 سيڪڙو آھي.

مودي جو وڏو ايڊوانٽيج بھ اھو ئي آھي تھ  هن کان وڌيڪ ڪو به اثرائتو متبادل اميدوار ناهي. جواهر لعل نهرو جي ڏھوٽي راهول گانڌي ”ڀارت جوڙو ياترا“ ۾ هزارين ڪلوميٽرن جو پيدل سفر ڪيو آھي  پر انڊين نيشنل ڪانگريس لڳ ڀڳ پوري هندي بيلٽ يا اتر هندستان مان اکڙجي ويل پنهنجا ڄمائي نھ سگھيو آھي.جڏهن ته ڏکڻ ۽ اتراوڀر  رياستن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ننھن چوٽيءَ  جو زور لڳائي  رهيو آهي.

 

راجيو گانڌي جي دور ۾ 400 کان مٿي سيٽون  کٽندڙ ڪانگريس  گذريل چونڊن ۾ 19 سيڪڙو ووٽن سان 52 سيٽن تي اچي وئي ۽ بي جي پي ٻن سيٽن واري جماعت 37 سيڪڙو ووٽن سان 305 سيٽن تي ٽپو ڏئي وئي. ھندوستان ۾ گذريل ھڪ صديءَ کان وڌيڪ ھندوتوا جي تحريڪ بابري مسجد جي ڊاهڻ کان پوءِ اھڙو زور ورتو ھو، جيڪو ھاڻي تڌو ٿي رھيو آھي.پر ان هندو فاشزم کي  منهن ڏيندي خود  ڪانگريس پاڻ به نرم هندوتوا جو شڪار ٿيندي نظر اچي رهي آهي. اھا ڀارتيه جنتا پارٽي تي لساني ۽ ذات پات جي ورهاڱي جو الزام هڻي رهي آهي، پر مسلم دشمني يا سيڪيولرزم کان  انڪار ڪرڻ جو طعنو نھ ڏئي رھي آھي.

سناٿن ڌرم جي بالادستي کي جيڪڏهن ڪو چيلينج ڪري رهيو آهي ته اُهي ڪميونسٽ پارٽيون آهن، دراوڙي قومپرست،بنگالي قومپرست يا علائقائي جاتي واد پارٽيون آهن.ڪانگريس کي جيئي رام جي نعري تي تھ ڪو اعتراض ناهي، پر جئي رام جي سياسي ڌنڌي کان پاسو ڪندي ڪانگريس بھ  پوڄا پاٽ ۾ شامل آهي. بهرحال ڪانگريس جو اهو الزام درست آهي ته هندستاني جمهوريت ۽ آئين کي مودي ۽ بي جي پي کان خطرو آهي. جيتوڻيڪ مودي چيو آهي ته ان جو ليکڪ ڊاڪٽر امبيڊڪر به آئين کي تبديل نٿو ڪري سگهي، پر لڳي ٿو ته رام راجيه يعني هندو راشٽر  پر ان  وڏي اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي.

ڀارتيه جنتا پارٽي،آر ايس ايس جي سواميڪا جي مضبوط تنظيمي ڍانچي ۽  ھندوتوا جي نظرياتي بنيادن تي ٻڌل آهي ۽ ھڪ زبردست چونڊ ۽ انتظامي مشينري بھ وٽن آھي. برهمڻ، مٿئين ذات، وچولي طبقي، هندستاني بورجوازي جا مالدار گروپ، ميڊيا، عدالتون ۽ ٻيا رياستي ادارا ان جي اثر هيٺ آهن. اهي مسلمانن سميت اقليتن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪندي 80 سيڪڙو هندن جي جنوني عنصرن تي مڪمل ڀاڙڻ سان گڏ ھاڻي مقامي طور تي  دلت ۽ ٻين پٺتي پيل ذاتين جي ڳٽ جوڙ سان جاتي وادي جماعتن تي دٻاءَ وڌائي ڪري  اوچين ۽ ننڊين ذاتين،شودر،غيريادودلتن ۽ ٻين پوئتي پيل جاتين (او بي سي) ۾ پڻ داخل ٿي وئي آھي.

گذريل ڏهاڪن ۾ هندستان ۾ ٽن قسمن جا مڪتب فڪر ۽ سياسي حڪمت عمليون ھلنديون ھيون. منڊل ڪميشن (آگسٽ 1990) جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ نوڪرين ۽ داخلا ۾ هيٺين ذاتن لاءِ 50 سيڪڙو ڪوٽا لاڳو ٿيو.جنھن سان هيٺين ذات جي پارٽين گهڻو ڪري بي جي پي جي پکيڙ کي روڪيو هو، پر هاڻي اھي پنهنجو اثر وڃائي رهيون آهن. ٻيو وڏو رجحان بابري مسجد جي ڊاھڻ (6 ڊسمبر 1992) کان پوءِ رام جنم ڀومي مندر جي اڏاوت جي حوالي سان جڙيو ۽ ٽيون رجحان علائقائي قومپرست پارٽين جو مرڪز کان بيزار وارن جو ھو. جن، بي جي پي جي پکيڙ کي روڪي رکيو ھو. ان دوران ڪانگريس هڪ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي حيثيت سان 1991 کان وٺي مرڪز ساڄي طرف وڌي وئي آهي.

هن وقت ٻه محاذ هڪ ٻئي جي سامهون آهن، بي جي پي جي اڳواڻي ۾ اين ڊي اي ۽ ڪانگريس سان گڏ 25 پارٽين جو انڊيا محاذ پر هن محاذ جون وڏيون پارٽيون جهڙوڪ اولهه بنگال جي ترانمول ڪانگريس ۽ تامل ناڊو جي ڊي ايم ڪي،پنهنجن پنهنجن راڄڌانين ۾ حصو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. چونڊ انگن اکرن جي ماھرن جو خيال آهي ته  لوڪ سڀا جي 543 سيٽن مان 260 سيٽن کي برتري حاصل ٿي سگهي ٿي، 243 سيٽن تي علائقائي پارٽين ۽ ڪانگريس ۾ سخت مقابلي ٿيندو  ۽ 100 سيٽن تي اھي غير موثر آهن.

هندستاني جمهوريت کي هاڻي غير آزاد خيال جمهوريت، مذهبي جمهوريت ۽ هندو فاشسٽ طور ڏٺو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اها دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت آهي جنهن ۾ اٽڪل هڪ ارب ووٽرز آهن. تازو ئي الپا شاهه جو ڪتاب جو B.K16 ۽ ھندوستان ۾ جمھوريت جي ڳولا ۽ ٽن ايڊيٽرن جو ڪتاب  اڪثريت رياست ۽ ھندوقومپرستي ڪيئن ھندوستان کي تبديل ڪري رھي آھي . ان ۾ ھندوستان کي هڪ هندو فاشسٽ رياست، نسلي جمهوريت يا غير لبرل جمهوريت طور پيش ڪيو ويو آهي هندستان جي هندو راشٽر ۾ تبديل ٿيڻ جو وڏو خطرو آهي. ان کي گھٽائڻ لاءِ ھندستان پاڪستان دشمني جو بهانو  ختم ڪرڻو پوندو ۽ خود ھندستان جي جمهوريت پسندن ۽ ترقي پسند قوتن کي، بي جي پي، کي لغام ڏيڻو پوندو. پر اھو امڪان نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان سان معاملا ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيندڙ مودي طئي ڪري سگھي ٿو. هن چونڊن ۾ مودي پاڪستان مخالف مهم بدران  ”پاڙيسرين سان لاڳاپا پهرين“ جو اشارو ڏنو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ به هاڻي پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.ڪاش ھن  وقت نواز شريف وزيراعظم هجي ها ته معاملو اڳتي وڌي پئي سگهيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.