سنڌ ڪابينا ۾ موجود وزير ۽ صلاحڪار ڌاڙيلن سان رابطي ۾ آهن:علي خورشيدي

ڪراچي( م ڊ ) سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ وزيرن ۽ پوليس جي ملي ڀڳت سان ڌاڙيلن جو راج آهي، سنڌ ڪابينا ۾ شامل ماڻهن جا ڌاڙيلن جي وڏين ٽولن سان لاڳاپا آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ علي  خورشيدي چيو ته صوبائي وزير ڌاڙيلن ۽ قاتلن کي پوليس پروٽوڪول ڏيندا آهن، هٿيارن ۽ يرغمالين جي منتقلي لاءِ پوليس وين به ڌاڙيلن کي فراهم ڪئي ويندي آهي. علي خورشيدي جو چوڻ هو ته جيڪب آباد ۾ پوليس وين ۾ ڌاڙيلن جا هٿيار منتقل ٿي رهيا هئا، ڌاڙيلن جا هٿيار صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو جي پٽ وٽان سان گڏ پڪڙيا ويا آهن.

  • ڪچي ۾ ظلم ٿي رهيو آهي، پوليس ڌاڙيلن بدران اسانجي پويان پيل آهي:حليم عادل

ڪراچي( م ڊ) تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته ڪچي ۾ ظلم ٿي رهيو آهي،پوليس ڌاڙيلن پٺيان لڳڻ بجاءِ اسان جي پويان آهيان، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ  چيو آهي ته جناح باغ ۾ جلسي جي درخواست تي فيصلو ڊپٽي ڪمشنر کي ڪرڻو آهي، حليم عادل شيخ چيو آهي ته بشريٰ بي بي جون ٽيسٽون ٿيڻ گهرجن ته جيئن سڄي ڳالهه سامهون اچي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي.

  • اهلڪارن سميت گرفتار جوابدارن جو اي ٽي سي لاڙڪاڻي مان رمانڊ

جيڪب آباد(رپورٽ: حضور بخش سومرو) جيڪب آباد پوليس گذريل رات هٿيار اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار سمورن جوابدارن جو اي ٽي سي لاڙڪاڻو وٽان 5 ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪري ورتو. گرفتار  جوابدارن ۾ ذاڪر ولد محمد شهاب ڀيو،  اختيار علي لاشاري، نبيل احمد ڀيو، توفيق احمد گجر، امتياز علي ڀيو، ثناءُ الله مڱڻهار ۽ بقاءُ الله انڙ شامل آهن.  . سوشل ميڊيا تي هلندڙ الطاف ڀيو جي گرفتاري ۽ آزاد ٿيڻ جون خبرون بي بنياد آهن. ايس ايس پي جيڪب آباد سيد سليم شاهه صاحب جي حڪم تي جوڙيل جي آءِ ٽي ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ ملوث سمورن ذميوارن جي نشاندهي ڪري کين گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.