جيڪب آباد ۾ هٿيار اسمگلنگ معاملو: صلاحڪار بابل ڀيو مستعفي

جيڪب آباد(رپورٽ سڪندر علي سرڪي) جيڪب آباد پوليس پاران هٿيار پڪڙڻ واري معاملي جو 7 جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ  تحت ڪيس داخل، گرفتار جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، 5 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي، ايس ايس پي پاران الطاف ڀيو جي گرفتاري بابت صفائي پيش، هٿيار ھٿ اچڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم جيڪب آباد پوليس هڪ ڏينهن اڳ باءِ پاس تي ڪارروائي دوران ويگو گاڏي ۽ شڪارپور پوليس جي موبائيل مان هٿيار اچڻ واري معاملي جو ايس ايڇ او مولاداد اشتياق پٺاڻ جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ڪيس ۾ جوابدار اختيار لاشاري، ذاڪر ڀيو، نبيل ڀيو، توفيق گجر، اي ايس آءِ امتياز ڀيو اهلڪارن بقاءُ الله انڙ، ثناءُ الله مڱڻهار کي نامزد ڪيو ويو آهي نامزد ڪيل جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي.  هٿيار اچڻ واري معاملي جي ڪيس ۾ فريادي ايس ايڇ او اشتياق پٺاڻ ڄاڻايو ته اسان کي اطلاع مليو ته  بلوچستان کان هٿيار ۽ گوليون اسمگلنگ ٿي رهيون آهن جيڪي شڪارپور سميت ڪچي جي علائقن ۾ دهشت گردن لاءِ استعمال ٿيندا ان ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي هٿيار ۽ گولين جو کيپ پڪڙي دهشتگردي واقعو ٿيڻ کان بچايو ويو ۽ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي ويون آهن.  ايس ايس پي جيڪب آباد سليم شاهه هٿيار اچڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي صدر سلطان چانڊيو ڊي ايس پي سٽي گل حسن ٿيٻو جي سربراهي ۾ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي آهي جي آءِ ٽي سربراهه گرفتار ٿيل جوابدارن کان جاچ ڪري رپورٽ ايس ايس پي کي اماڻيندا ان سلسلي ۾ جي آءِ ٽي سربراهه ڊي ايس پي سلطان چانڊيو ٻڌايو ته جي آءِ ٽي گرفتار ٿيل جوابدارن کان اها جاچ ڪندي ته جوابدارن اڳ ڪيترا ڀيرا هٿيار اسمگلنگ ڪيا آهن هٿيار اسمگلنگ ڪرڻ ۾ ٻيا ڪيترا ماڻهو يا اهلڪار ملوث آهن هٿيار ڪهڙي ڪهڙي علائقن ۾ اسمگلنگ ڪيا ويندا آهن هٿيار اسمگلنگ ڪرڻ سبب ڪهڙي جڳهن تي دهشتگردي پکيڙي وئي آهي سڄي معاملي جي جاچ ڪري ايس ايس پي کي رپورٽ پيش ڪئي ويندي، جي آءِ جي رپورٽ جي آڌار تي وڌيڪ ڪاروايون عمل ۾ آنديون ويندو.

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڀاڀل ڀيو پنھنجي صلاحڪاري واري عھدي تان  استعيفا وڏي وزير کي اماڻي ڇڏي آهي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو  آھي ته ٻه ڏينھن اڳ جيڪب آباد  پوليس کي ھٿيار ھٿ اچڻ سان منھنجو ڪنھن قسم جو تعلق نه آھي ۽ پيپلز پارٽي جي هڪ ڪارڪن ۽ وڏي وزير جي صلاحڪار جي حيثيت سان، مان ان الزام جي سختي سان ترديد ڪريان ٿو. ھن اپيل ڪئي ته واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي. ھن چيو ته اسٽيڪر لڳائڻ سان منھنجي گاڏي نٿي ٿي سگهي جنھن سبب استعيفا ڏئي رھيو آھيان ته  جئين انڪوائري صاف ۽ شفاف ٿئي. ھن چيو تھ مان وڏي وزير کي گذارش ٿو ڪريان ته منهنجي استعيفيٰ فوري طور قبول ڪري انڪوائري شروع ڪئي وڃي.استعيفا جو مقصد شفاف ۽ غيرجانبدارانه انڪوائري ڪرائڻ آهي. ھن چيو تھ آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ وڏي وزير کي اھا پڻ گذارش ڪيان ٿو ته انڪوائري رپورٽ کي عام ڪيو وڃي. ھن چيو تھ مون تي غير قانوني هٿيار کڻڻ جو الزام لڳائي منهنجي ساک خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مان سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪريان ٿو ته ان واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.