سنڌ جو تعليمي نظام ڪرپشن جا داستان ۽ تجويزون

تحرير : دوست حفيظ چنا

ڪنهن بـ معاشري جي ترقي جو دارومدار ان جي تعليمي نظام تي ھوندو آھي بدقسمتي سان سنڌ جي تعليمي نظام کي سنڌ جي سياستدانن پڙھيل لکيل بيروڪريٽن جي مدد سان تباھ ۽ برباد ڪيو آھي . سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ھميشـه تعليمي ايمرجنسي لڳائي ويندي رھي آھي ۽ ڪجهه عرصي تائين بند اسڪولن، گوسڙو استادن ۽ ٽرانسفر پوسٽنگ وارن معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ  ڪوششون ورتيون وينديون آھن،  پر ڪجھه  عرصو گذرڻ بعد اھا ايمرجنسي ھوا ۾ اڏامي وڃي ٿي ڇو تـ مافيا ايتري ته مضبوط آھي جو ان کي گھڻي دير ھلڻ ڪونـ ٿي ڏئي ـ

سنڌ جي تعليم جي مالي سال جي ھر بجيٽ بلين ۽ ملين ۾ رکي وڃي ٿي  پر پوءِ  بـه سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي سميت سنڌ ۾ تعليم جي سڌاري لاءِ  ڪي جوڳا قدم نٿا کڄن ۽ نـه ئي سنڌ جي ايجوڪيشن نظام مان ڪرپشن تي ڪو ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو ـ

ڇو ته سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ويٺل ڪرپٽ مافيا ان ايمرجنسي کي گھڻو عرصو ھلڻ نٿي ڏئي، ڪرپٽ مافيا ايترو تـ مضبوط آھي جو ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ تي بندش باوجود رشوت عيوض ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ پڻ ٿيندي رھي ٿي.

مون ان سلسلي ۾ سنڌ جي تعليم جي ڪرپشن داستانن کي ويجھو کان ڏٺو تـه ان ۾ ھيٺان کان مٿي تائين سڀ مليل نظر آيا يعني ڪم سسٽم کان بغير نـه ٿيندو ـ

ھونئن تـ ھر کاتي ۾ ڪرپشن جا داستان ڀريا پيا آھن پر ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ ۾ ڪوبـ ڪم سواءِ ڏيڻ وٺڻ جي نٿو ٿئي ـ جيڪڏهن ڪو ماڻھو سسٽم کان بغير ڪم ڪرائڻ چاھي ٿو تـ ان کي ايترو تـه رلايو ٿو وڃي جو ھو آخر ڦري گھمي پنھنجو جائز ڪم رشوت عيوض يعني سسٽم تحت ڪرائڻ تي مجبور ٿيو وڃي ٿو.

سنڌ جي تعليم واري کاتي مان ڪوبـه ڪم ڪرائڻ لاءِ  سڀ کان پھريان توھان کي تعلقي سطح پوءِ  ضلعي ۽ ڊويزن ليول تي سسٽم وارا ماڻھو ويٺا آھن جيڪي رشوت عيوض اوھانجو ڪم اتي ويٺي ڪرائيندا ۽ اوھان کي خرچ ۽ پنڌ ڪري سيڪريٽريٽ جا چڪر بـ نـ لڳائڻا پوندا .

جيڪي ماڻھو سنڌ سيڪريٽريٽ پھچي پنهنجو جائز ڪم مفت ڪرائڻ چاھين ٿا انهن سان اھڙو ته حشر ٿو ڪيو وڃي جو ھو مجبور ٿي يا سيڪريٽريٽ اندر سنڌ جي تعليم واري اداري ۾ ويٺل سسٽم وارن ڪرپٽ ماڻهن جي ور چڙھن ٿا ۽ پنهنجا ڪم جن ۾ ٽرانسفر پوسٽنگ کان سواءِ  ٻيا ڪيترائي ڪم جن ۾ فائنانس ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ڪم پڻ آھن اھي سڀ سسٽم تحت (رشوت عيوض) ٿي رھيا آھن.

سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ان مھا ڪرپشن کان پڙھيا لکيا بيروڪريٽ جيڪي ڪميشنون ڪري ان عھدن تي ويٺل آھن اھي ڪيئن لاعلم ٿي سگھن ٿا ؟

آخر سنڌ جو تعليمي نظام ڪيئن سڌرندي؟

1.گھٽ ۾ گھٽ تعليم جھڙي شعبي مان سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي.

2.تعليم جو وزير پڙھيل لکيل تعليمي ماھر ھجي.

  1. استادن جي ڀرتي اعلي’ سطح جي امتحان ۽ نج ميرٽ تي ڪئي وڃي جيڪا پڻ سياسي مداخلت کان پاڪ ھجي ـ
  2. تعليمي نصاب تبديل ڪري ان کي انٽرنيشنل نـه صحيح ان جي ڪجھه حصي پتي جھڙو بڻايو وڃي ـ

5.تعليمي نصاب ۾ پرائمري کان وٺي يونيورسٽيز تائين ڪمپيوٽر سکيا،مادري ٻولي سان گڏ انگريزي ٻولي، فني تعليم(ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن) لازمي ھجي.ان لاءِ  نوان استاد ڀرتي ڪيا وڃن .جن وٽ اھو اسڪل Skill ھجي.جيڪڏھن نصاب تبديل ٿيندو تـ يقينن پراڻن استاد جي جڳھن تي نوان استاد ڀرتي ڪيا وڃن ـ

  1. تعليمي ادارن ترقي يافتـ ملڪن جون ٻوليون سيکاريون وڃن ـ

7.اسڪولن جون بلڊنگ ۽ انفراسٽرڪچر کي بھتر ڪيو وڃي ۽ ان کي پڻ سياسي مداخلتن تي ٺيڪن ۽ ڪرپشن کان پاڪ ڪيو وڃي ـسخت ميرٽ ئي تعليم ۽ ٻين شعبن مان ڪرپشن کي ختم ڪري سگھندي ـ

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.