غوثپور دعوت تي ويل اوٻاوڙو واسي پوليس اهلڪار سميت 5 ڄڻا مبينا طور اغوا

اوٻاوڙو ( رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ)  اوٻاوڙو ڀرسان هڪ ڏينهن اڳ غوثپور واري علائقي ۾ دعوت تي ويل ڳوٺ مير محمد ڌونڌو جي رهواسي 4 ڄڻ هر هڪ ذوالفقار ڌونڌو خادم دائم راضي ڌونڌو  اوٻاوڙو جي هڪ  پوليس اهلڪار شعبان چاچڙ سميت 5 ڄڻن کي ڪشمور ڀرسان غوثپور واري علائقي مان مبينا هٿياربندن  ڪار سميت اغوا ڪري کڻي ويا آهن جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي مغوين جي وارثن قائم ڌونڌو شهزادو ڌونڌو ٻڌايو ته هڪ ڏينهن غوثپور واري علائقي ۾ شادي جي دعوت  تي ويل هئا اتان دعوت کائي واپس اچي رهيا هئا ته رستي مان  ڪشمور شڪارپور روڊ تان هٿيارابند اغوا ڪري کڻي ويا آهن سڀني مغوين جا نمبر بند ٿي ويا آهن انهن کي هٿياربند اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا آهن،هن چيو ته اسان جي مغوين کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، جڏهن ته اهڙي رپورٽ وارثن پاران رانوتي ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته رانوتي پوليس موجب اسان جي حد ۾ واقعو  پيش نه آيو آهي وڌيڪ  غوثپور پوليس سان رابطي ۾ آھيون جاچ جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.