ڪينجهر سميت سنڌ جي زمينن جي مالڪي جو سوال

عوامي  آواز جي رپورٽر منصور جلالاڻي جي رپورٽ موجب ٺٽي ضلعي ۽خاص طور تي ڪوهستاني ۽ سامونڊي پٽي جي زمينن تي جعلسازي ذريعي قبضا ڪيا پيا وڃن. هزارين ايڪڙ زمين غير قانوني طور تي غير مقامي مافيائن حوالي ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪينجهر ڍنڍ جي چؤڏس هزارين ايڪڙ زمين تي غير قانوني قبضا ڪري جهنگلي جيوت سميت قدرتي ماحوليات کي تباهه ڪيو پيو وڃي. عام تاثر اهو آهي ته ضلعي اندر زمينن تي ٿيندڙ قبضن ۾ روينيو کاتي جا عملدار ملوث هوندا آهن. جن جي ملي ڀڳت سان قيمتي زمين ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪئي پئي وڃي.  تنهن ڪري جعلسازي ۾ ملوث سمورن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. انهيءَ حوالي سان رپورٽ آهي ته سنڌ جي ڪلاسيڪيل لوڪ داستان نوري ڄام تماچي سان سلهاڙيل ڪينجهر ڍنڍ جي سوين ايڪڙ زمين تي هيوي مشينري ذريعي هڪ بااثر شخص قبضو ڪرايو آهي. سوشل ميڊيا تي زمين جي قبضي تي واويلا ٿيڻ کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار ٺٽو نوٽيس وٺندي قبضي واري زمين تي پهچي هلندڙ تعميراتي ڪم بند ڪرائي نوٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جو سراپا سون وجود هجي، ان جون زمينون هجن، معدنيات، جبل، درياهه ڍنڍون ڍورا سڀني تي هر دور ۾ قابضن جي نظر رهي آهي. اهي قابض پوءِ ڌاريا هجن يا پنهنجي ملڪ جا هجن. سنڌ جوهي خطو  هر دور ۾ ڌارين جي ڪشش جو سبب رهيو آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو تاريخي طور هر دور ۾ سنڌ تي ڌارين حڪمرانن ڪاهون ڪيون ۽ قبضا ڪيا. قبضن جو اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. جيئن مٿي هڪ رپورٽ ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

ڌارين قابض ۽ ڌاري آبادڪاري يا ملڪي حڪمرانن جي پڻ سنڌ جي زمينن، درياهن، ٻيٽن، ڍنڍن ڍورن جبلن، ٿر تي لالچي نظر کتل رهي اهي. جڏهن ته سنڌ جو مجموعي وجود سنڌين جو آهي، سنڌي ئي تاريخي طور ان جا مالڪ ۽ وارث آهن. سنڌي قومي جي سڀني حقن جي تحفظ جي ذميوار اصولي طور تي سنڌين جي نمائنده حڪومت جي آهي جنهن کي سنڌ عوام ووٽ ڏيندو آهي ٻيو سنڌ جون قومپرست جماعتون سنڌ جي مجموعي وجود جي تحفظ جون ضامن آهن. ڀلي اهي حڪومت ۾ نه به هجن پر اهي پڻ سنڌي قوم جون نمائنده جماعتون آهن جيڪي سنڌي عوام منجهان ئي ٺهي راس ٿيون آهن.

ان حوالي سان ڏسجي ته سنڌ جي حڪومتن کان وڌيڪ سنڌ جي قومپرست جماعتن ئي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي يا ان لاءِ آواز اٿارينديون رهيون آهن، احتجاج ڪنديون رهيون آهن ۽ وقت  جي حڪومت کي مجبور ڪنديون رهيون آهن ته اهي سنڌ ۽ عوام دشمن فيصلا واپس وٺن. سنڌ جي زمينن ۽ ٻين وسيلن تي قبضن جي خلاف سنڌي ميڊيا ۽ سنڌي قوم پرست جماعتن هميشه آواز اٿاريو آهي. ميڊيا جي ان تاريخ ۾ روزاني عوامي آواز جو به وڏو حصو رهيو آهي جنهن سنڌ جي قومي ۽ تاريخي وسيلن تي سدائين وقتائتو ۽ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو آهي جيئن هاڻي ڪينجهر جي زمين ۽ ڪوهستاني علائقي تي والار جي خبر عوامي آواز پنهنجي رپورٽر جي ذريعي ڏني آهي جنهن جو مقامي انتظاميا نوٽيس ته ورتو آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته اهو نوٽيس رسمي طور ورتل آهي يا قومي جذبي پٽاندڙ سنڌ جي وسيلن جي تحفظ طور ورتو ويو آهي. اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو باقي ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سڄي سنڌ جون زمينون قبضا مافيا جي هٿن ۾ آهن جيڪي ميڊيا تي گهٽ ئي رپورٽ ٿين ٿيون پر آف دي رڪارڊ سڀني کي خبرآهي پر افسوس ته قبضا مافيا سان ملي ڀڳت ڪري سنڌ جا وسيلا وڪرو ڪيا ويندا آهن. ڪڏهن وفاقي حڪومتون سنڌ جي ٻيٽن، جبلن، معدنيات، زمين کي وڪرو ڪنديون آهن ۽ ڪڏهن فوجي جوانن ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪرڪيٽرن کي انعام طور ڏنيون وينديون آهن.

مطلب ته حڪومت جو سنڌ جي وسيلن جي تحفظ جي معاملي ۾ ڪا سٺي ڪارڪردگي ناهي رهي، اڃان به مٿس  وڪري ۾ ملوث هجڻ جا الزام لڳندا رهيا آهن. جيڪڏهن سنڌ جي عوام جي ووٽن جي چونڊجي آيل حڪومت حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي تاريخي وجود جو مجموعي طور تي تحفظ  ڪري ته مجال آهي جو ڪير خراب نظر سان سنڌ کي ڏسي سگهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي نيت صاف هجي ته اها قبضا مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون به ڪري سگهي ٿي ۽ ايئن قبضا ڇڏائي به سگهي ٿي. اهي قبضا ڇڏائڻ جي طاقت ۽ اختيار ظاهر آهي ته حڪومت وٽ ئي آهي پر سوال آهي نيڪ نيتي جو.

بهرحال اسان کي اهو ٻڌي خوشگوار حيرت ٿي آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪينجهر جي زمين تي قبضي جي واويلا جو مقامي انتظاميا نوٽيس ورتو آهي ۽ قابض ڌر کان پڇاڻو ڪيو آهي، ان جا ڪاغذ پٽ چڪاس ڪيا آهن. اسان جي خواهش آهي ته جيڪر ايئن سڄي سنڌ حڪومت متحرڪ رهي ۽ جتي به سنڌ جي وسيلن تي قبضا ٿيا آهن يا ٿي رهيا آهن تن کي ختم ڪرائڻ ۽ انهن جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪري ته اسان ان کي سندن اولين فرض سمجهنداسين ۽ ان سان حڪومت جي پنهنجي ساک پڻ بهتر ٿيندي پر اهڙو ڪم اها حڪومت ئي ڪري سگهندي جيڪا سنڌي عوام جي نبض تي هٿ رکي، انجي امنگن پٽاندڙ پاليسي جوڙي سنڌ جي مجموعي حقن جي تحفظ جي علمبردار هوندي ۽ جنهن کي سنڌ جي تاريخي وجود سان پيار هوندو ان پيار کي ئي ته محب وطن چئبو آهي پر افسوس ته اسان جون حڪومتون پنهنجيون زمينون، پنهنجا وسيلا ۽ پنهنجا ادارا وڪرو ڪندي ۽ خانگائيندي نظر اچن ٿيون. ڀلا جيڪڏهن اوهان پنهنجي ملڪ ۽ صوبن کي سنڀالي نٿا سگهو ته اها اوهان جي حڪومتي نااهلي آهي، ملڪ، صوبن ۽ وسيلن جو ڏوهه ناهي سو اسان حڪومت ۽ حڪمرانن کي چونداسين ته پنهنجي ملڪ، صوبن ۽ ان جي وسيلن کي نه وڪرو ڪريو ۽ نه ئي خانگايو پر انهن جي مالڪي جي صلاحت پيدا ڪريو. ساڳي ڳالهه اسان سنڌ حڪومت کي به چونداسين ته پنهنجي سراپا سون زمين کي قابضن کان ڇڏايو ۽ انهن جي تحفظ جي اولين ذميواري ادا ڪريو ۽ ايئن سنڌي عوام جي امنگن تي پورو لهي ان جي نمائندگي ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.