هيپاٽائٽس جا وڌندڙ ڪيس ۽ حڪومتي لاپرواهي

تحرير: شفيق حسين وساڻ

تازو مشھور انگريزي اخبار ڊان ۾ صحت جي عالمي اداري (WHO) جي ڪاري ڪامڻ Hepatitis C جي ڇرڪائيندڙ رپورٽ 18 مارچ 2024 شايع ٿي آھي . جنھن ۾ پاڪستان ۾ ڳڻتي جوڳيءَ صورتحال ٻڌائي وئي آھي . ھن وقت پاڪستان ۾ ھي موذي مرض ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو وڃي ٿو . ھن گلوبل رپورٽ ۾ دنيا جي ٻين ملڪن کان وڏي ۾ وڏو انگ ڪاري ڪامڻ Hepatitis C  جو8.8 (88 لک ) تي پھچي ويو آھي . ميڊيڪل جي غير معياري ۽ غير محفوظ انجيڪشن جي ذريعي آھي .پاڪستان ۾ ڪاري ڪامڻ جي نون ڪيسن ۾ 44 سيڪڙو جو سبب ميڊيڪل جي غير معياري انجيڪشن ۽ دوائون آھن . گذريل سال مصر جي ھڪ ڪرايل رپورٽ موجب به پاڪستان ۾ ڪاري ڪامڻ Hepatitis C and B  جا ڪيس ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ھيا .

ھن رپورٽ جي انگن اکرن جي مطابق دنيا جي 187 ملڪن ۾ موت جي شرح ڪاري ڪامڻ ۾ 1.1 ملين اضافو 2019 ۾ ٿيو آھي ۽ 2022 ۾ 1.3 ملين ٿيو آھي مجموعي انگن اکرن جي مطابق % 83 ڪاري ڪامڻ Hepatitis B  آھي ۽ % 17ڪاري ڪامڻ يعني Hepatitis C ڪارڻ ھن رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي .

ھن گلوبل رپورٽ جي مطابق دنيا جي ملڪن مان پاڪستان ھن وقت ھن موذي مرض ۾ پنجين نمبر تي آھي . صحيح چڪاس نه ٿيڻ ، مستقل علاج نه ٿيڻ ، صاف پاڻي نه ھجڻ ،  کاڌن ۾ ملاوٽ ، سڻڀيون ۽ گھڻي گيهه جو استعمال ، صفائي نه ھجڻ ، حجامن وٽ گھڻن ماڻھن تي پاڪي بليٽ جو استعمال ڪرڻ ۽ ٻيا ڪافي ڪاري ڪامڻ جي بيماري ٿيڻ جا سبب آھن . ھي ھڪ وائرل انفيڪشن بيڪٽريا بيماري آھي جيڪا ھڪ کان ٻئي ماڻھو ۾ منتقل ٿئي ٿي .

پاڪستان ۾ ھر سال 5 سيڪڙو کان مٿي ھن مرض ۾ واڌ ٿيندي رھي ٿي . انڪري ھم موذي مرض جي ڪري ماڻھو زندگي جي جنگ ھارائي وڃن ٿا . ماڻھو پنھنجون  ٽيسٽون نه ٿا ڪرائين انجو سبب ته غربت به آھي ۽ پاڪستان ۾ سرڪاري اسپتالن جو حال پورو آھي . اتي خوش چگو ڀلو ماڻھو به بيمار ٿي ايندو آھي ته مريضن کي دوائون يا صحيح علاج ڪئين ٿيندو اھو پڻ پنھنجي جڳھه تي سوال به آھي . خانگي اسپتالن ۾ غريب بي پھچ ماڻھو ھن مهانگائي جي دور ۾ علاج نه ٿو ڪرائي سگھي .

ڊاڪٽرن جو به فقدان آھي تمام گھٽ پاڪستان ۾ ماھر ۽ ڄاڻ رکندڙ آھن .  حڪومت ھن رپورٽ کي نظر ۾ رکندي مثبت قدم کڻي صحت جا مرڪز آبادي جي لحاظ کان کولي . ھن موذي مرض جي لاءِ  آگاھي پروگرام ۽ ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ڪاري ڪامڻ جون مفت ۾ ٽيسٽون ۽ علاج جو بندوبست ڪري .  مفت ڪيمپون لڳرائي . سٺا ماھر ڊاڪٽرن کي مقرر ڪرائي . ھن موذي مرض تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ  جوڳا قدم کڻي . بلڪل ھن موذي ۾ وڏو انگ جڪڙيل آھي . جيڪڏھن حڪومت سنجيده ٿي ڪم نه ڪندي ته ھن موذي مرض جي ڪري موت جي شرح ۾ واڌ ايندي .

مان ھن رپورٽ جو چارٽ به موڪليان ٿو جيڪي ھن موذي مرض ۾ ورتل آھن ۽ ھن ۾ پاڪستان جي پوزيشن ڏسي توھان ھن خطرناڪ بيماري جو اندازو لڳائي سگهو ٿا .

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.