ايڪس تي بندش  ڄاڻ تائين رسائي واري قانون جي لتاڙ آھي

ماس ميڊيا يا وري سڌ سماءَ جا ذريعا انساني شعور  جي اوسر، سکڻ، سمجهڻ توڙي سوچ و فڪر جي آبياري  ۾ بنيادي ڪم ڪن ٿا.دنيا ۾ ميڊيا جي خاص اھميت آھي.جيڪا  ٿيندڙ اٿل پٿل ۽ تبديلين کان آگاھي ڏئي ٿي.

پاڪستان ۾ ميڊيا ڪڏھن بھ آزاد نھ رھي آھي،ڪنھن نھ ڪنھن طريقي سان اھا پابندي جي ور چڙھيل  آھي.پريس ۽ ڇپائي جي مشينري جڙڻ سان دنيا ۾ روشني خيالي جي تحريڪ  پئدا ٿي ھئي،جنھن  مدي خارج تصور کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو ھو. ٻوليءَ جي  ايجاد ٿيڻ کان پوءِ جڏھن  لکڻ جي شروعات ٿي ۽ الفابيٽ جڙي تھ انسان پنھنجي گونگائپ واري ڪيفيت مان ٻاھر نڪتو.اھي انساني تاريخ ۾ ان دور جا وڏا انقلابي موڙ ھئا.

انٽرنيٽ جي ايجاد سان پڻ ھاڻي دنيا گھڻو بدلجي وئي آھي.سڌ سماءَ جو پراڻو تصور بھ ختم ٿي ويو آھي،رسمي ميڊيا سان گڏ غير رسمي ميڊيا پڻ اچي وئي آھي،جيڪا ڪافي حد تائين رسمي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ھڪ ھٽي کي ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آھي. سوشل ميڊيا جي سماجي رابطن واري عالمي اداري اڳوڻي ٽوئيٽر ۽ ھاڻوڪي ايڪس تي پاڪستان ۾ لڳل پابندي انسان جي بنيادي ڄاڻ جي واري حق جي ڀڃڪڙي آھي. پھرين تھ اختيارين اھڙي ڪنھن بندش کان انڪار ڪيو پر ھاڻي جڏھن معاملو عدالت جي دائري ۾ اچي ويو آھي تھ لاڳاپيل اختياريون ان کي انسان جي بنيادي حق تسليم ڪرڻ جي لاءِ ئي تيار نھ آھن.

عدالت ۾ ھلندڙ ان معاملي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو آهي ته انٽرنيٽ جي بندش سبب دنيا اسان تي کلندي آهي.عدالت گهرو وزارت کي ايڪس ۽ انٽرنيٽ تي بندش واري درخواست  واپس وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو آھي تھ هفتي اندر درخواست واپس نه ورتي وئي عدالت پنهنجو حڪم جاري ڪندي. عدالت ۾ درخواست گذار جي وڪيل چيو ته گهرو وزارت تسليم ڪيو آهي ته ايڪس بند ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي کي خط لکيو ويو آهي پر ھن ايڪس بند ڪرڻ جا سبب نه ٻڌايا ويا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته ادارا ۽ عدالتون ڇا لاءِ آهن؟ اسان عوام لاءِ آهيون، عوام مان آهيون، ان ڪري اهڙين عهدن تي ويهڻ ۾ شرم ٿو اچي.

ھوڏانھن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گهرو وزارت ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن (پي ٽي اي)  رپورٽون جمع ڪرائڻ باوجود ٽوئٽر جي سروس بحال ڪرڻ بابت فيصلو نه اچي سگهيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي ايندڙ مهيني 2 مئي تائين ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي ايندڙ مهيني 9 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ان سان ٽوئٽر جي سروس کي وڌيڪ هڪ مهيني تائين بحال نه ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي عدالتن هن ڀيري حڪومت کي ايڪس جي سروس بحال ڪرڻ جا حڪم جاري نه ڪيا آهن.

ٽوئيٽر سروس جي معطلي خلاف درخواست گذارن طرفان ٻنهي عدالتن ۾ الڳ الڳ درخواستون داخل ڪيون ويون آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گهرو وزارت جواب جمع ڪرايو، جنهن موجب ايڪس کي بلاڪ ڪرڻ پاڪستان ۾ غير قانوني ناهي ۽ مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ جي سروس بلاڪ ڪرڻ سان ڪو به بنيادي حق نھ کسيو ويو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گهرو وزارت طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽوئيٽر قومي سلامتي لاءِ بند ڪيو ويو، ايڪس پاڪستان ۾ رجسٽرڊ آهي، نه ئي ملڪي قانون جي پاسداري آهي، ان ڪري ان تي اعتراض آهن. سروس بند ڪرڻ جون درخواستون ٻڌڻ جوڳيون  نه آهن، انهن کي رد ڪيو وڃي. ٽوئيٽر سروس سڄي ملڪ ۾ 17 فيبروري کان بند آهي ۽ ان کي بند ٿيندي ٻه مهينا ٿي ويا آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گهرو وزارت پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ايڪس جي بندش خلاف داخل درخواستن کي شروعاتي مرحلي ۾ خارج ڪرڻ جي درخواست ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ھو  ته درخواست گذار  ڪنهن به بنيادي حق کان محروم ناهي ٿيو. گهرو وزارت موجب ايڪس جي بندش خلاف درخواست قانون ۽ حقيقتن جي خلاف آهي.

حڪومتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايڪس پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ناهي ۽ نه ئي پاڪستاني قانونن جي پاسداري ڪرڻ واري معاهدي جي پارٽي آهي، ايڪس پليٽ فارم جي غلط استعمال جي حوالي سان حڪومت پاڪستان جي حڪمن تي عمل نه ڪيو، جنهن ڪري پابندي لاڳو ڪئي وئي.

گهرو وزارت موجب ايڪس اختيارين جو عدم تعاون ايڪس جي خلاف ريگيوليٽري قدم کڻڻ جو جواز آهي جنهن ۾ عارضي بندش شامل آهي، حڪومت وٽ ايڪس جي عارضي بندش کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي.

رپورٽ موجب انٽيليجنس ادارن جي درخواست تي گهرو وزارت ايڪسپريس کي 17 فيبروري 2024 تي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، جڏهن ته ايڪس بند ڪرڻ جو فيصلو قومي سلامتي ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيو ويو. گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم انتهاپسند خيالن ۽ غلط معلومات پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ڪجهه شرپسند عنصر امن امان کي خراب ڪرڻ ۽ عدم استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ايڪس کي استعمال ڪري رهيا آهن. ايڪس جي بندش جو مقصد اظهار جي آزادي يا معلومات تائين رسائي کي محدود ڪرڻ نه آهي.

حڪومتي رپورٽ موجب ايڪس تي پابندي جو مقصد قانون موجب سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جو ذميواراڻو استعمال آهي، گهرو وزارت پاڪستان جي شهرين جي تحفظ ۽ قومي استحڪام جي ذميواري آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان کان اڳ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ تي به حڪومت طرفان پابندي لڳائي وئي هئي، ٽڪ ٽاڪ طرفان پاڪستاني قانون جي پاسداري ڪرڻ جي معاهدي ٿيڻ بعد پابندي هٽائي وئي هئي.

گهرو وزارت دليل ڏيندي چيو ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پابندي آهي، ايڪس جي بندش خلاف درخواستن کي رد ڪيو وڃي.

اختيارين پاران ايڪس جي بندش بابت پيش ڪيل عذر ڪنھن بھ ريت اظھار جي آزادي واري حق سان مطابقت نٿا رکن.جيڪڏھن ڪو ماڻھون تيلي سان گھر ٻار سگھي ٿو تھ ماچس جي ڪارخاني کي بند نٿو ڪري سگھجي.حڪومت کي فوري طور تي بندش ختم ڪري عوام جي ڄاڻ واري حق کي بحال ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.