سنڌ ۾ بدامني جي معاملي کي چئلينج ڪري وٺڻ وارو جذبو گهرجي

سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پوليس ۽ رينجرز طرفان ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن جاري آهي، صورتحال ڪافي بهتر ٿي وئي آهي. ٽيون ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. اپريل جي شروعاتي 15 ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ پوليس هٿان 11 اسٽريٽ ڪرمنل ماريا ويا آهن.  مجموعي طور تي 104 اسٽريٽ ڪرمنلز کي گرفتار ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ اهو به انڪشاف ڪيو ته ڪيترن وارداتن ۾ غير قانوني طور رهندڙ ماڻهو ملوث آهن. هن چيو ته نگران حڪومت دوران جيڪا صورتحال پيدا ٿي ان کي اسان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. شرجيل انعام ميمڻ اهو به چيو هو ته ايم ڪيو ايم فوج گهرائڻ جو ته مطالبو ڪري رهي آهي پر پوءِ دانهون به ايم ڪيو ايم وارا ئي ڪندا.

هوڏانهن گذريل نگران حڪومت جي اڳوڻي گهرو وزير حارث نواز دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي حمايت حاصل آهي پوليس ۾ سياسي ڀرتين جي نتيجي ۾ ڪراچي اندر اسٽريٽ ڪرائيم وڌيو آهي. هن چيو ته مقامي سردار  ڌاڙيلن سان مليل آهن. حارث نواز اهو به چيو ته سنڌ حڪومت، نگران سرڪار تي الزام هڻڻ بدران پنهنجي ذميواري پوري ڪري.

اسان سمجهون ٿا ته بدامني جي حوالي سان جيڪي ڪجهه مٿي چيو ويو آهي سي يقينن حقيقتون هونديون، اهو به ممڪن آهي ته ڪجهه جواب الزامن جي ڏي وٺ يا سياسي اسڪورنگ جو به نتيجو هجن پر هڪڙي حقيقت واضح آهي جنهن تي ٻه رايا ناهن سا اها آهي ته عوام جي جان، مال عزت جي تحفظ جي آخري ذميواري حڪومت جي آهي. جيڪڏهن بقول شرجيل ميمڻ جي ته حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ سنجيده آهي ته اها سنجيدگي ان جي ڪارڪردگي مان ضرور نظر ايندي. ايئن جيئن سال 2013ع ۾ نواز شريف  جي وفاقي حڪومت جي نيشنل ايڪشن پلان واري آپريشن ۾ نظر آئي هئي. سو سٺي يا خراب ڪارڪردگي لڪندي ناهي اها عالم آشڪار هوندي آهي.

پ پ جي جيئن سنڌ ۾ لڳاتار چوٿين حڪومت آهي، جنهن جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي لڳاتار ٽيون ڀيرو وڏ وزارت ۽ آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ کي لڳاتار ٻيو ڀيرو اهو عهدو مليو آهي ته انهن مان وڌيڪ توقع آهي ته اهي پنهنجي تسلسل ۽ تجربي جو فائدو وٺندي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا.

اها به حقيقت آهي ته بظاهر بدامني کي ختم ڪرڻ ڪنهن چئلينج  کان گهٽ ناهي پر ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته حڪومتي نيٽ ورڪ ڏوهارين، ڦورن، ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن کان وڌيڪ مضبوط هوندو آهي. اصل ڳالهه ترجيح جي آهي. حڪومت جيڪڏهن عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ کي پنهنجي اولين ترجيح سمجهي ته ڪو سبب ناهي ته ڪابه حڪومت بدامني، ڏوهن ۽ ڦرن تي ضابطو نه آڻي سگهي. پر جيڪڏهن اها بدامني کي ختم نه ٿي ڪري سگهي ته ان کي عام طور تي حڪومت جي ناڪامي سمجهيو ويندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪير ان جو اعتراف ناهي ڪندو. سو سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي راڄ ۽ ڪراچي ۾ چوٽ چڙهيل اسٽريٽ ڪرائيم جا ڪهڙا به سبب هجن انهن کي ختم ڪرڻ حڪومت جو ڪم هوندو آهي مجموعي طور بدامني جا جيڪي به ڪارڻ بيان ڪيا ويا آهن ڇا انهن کي نگران حڪومت جي گهرو وزير ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي يا جيڪڏهن شرجيل انعام ميمڻ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ غير قانوني پرڏيهين جي نشاندهي ڪري ٿو ته ڇا ان کي پوليس ٽارگيٽ بڻائڻ جي پاليسي يا حڪمت عملي جوڙي آهي سو سبب ڪهڙا به هجن سي ته تجزيي نگار به ٻڌائي سگهن ٿا اصل ڳالهه انهن ڪارڻن کي ختم ڪرڻ اهي جنهن جا آئيني ۽ قانوين اختيار حڪومتن وٽ آهن جن وٽ فوج به آهي، پوليس به آهي ته رينجرز به آهي. انهن طاقتن کان ڪم وٺڻ حڪومت جو هوندو آهي.

اسان ته اهو به سوچيندا آهيون ته جنهن شئي کي ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ چيو ويندو آهي ڇا اهو معمول مطابق روز نٿو ڪري سگهجي. ڇا آپريشن رڳو تڏهن ڪيو ويندو جڏهن بدامني چوٽ چڙهي ويندي. اسان ته سمجهون ٿا ته جيڪڏهن فوڪسڊ ٽارگيٽ کي آپريشن چئجي ٿو ته اهو ته روز ٿيڻ گهرجي، روز ڏوهاري، دهشت گرد ۽ ڦورو جيڪر  هن لسٽ تي هجن، فوڪسڊ ۽ ٽارگيٽڊ هجن تڏهن بقول شرجيل انعام ميمڻ جي ته ان چئلينج کي منهن ڏئي سگهبو. اسان جو خيال آهي ته جيئن گهربل روپوش سياسي اڳواڻن جي پويان ايجنسيون لڳايون وينديون آهن تيئن ڏوهاري، ڦورن، ڌاڙيلن ۽ دهشت گردن پويان به  ايجنسين ۽ جاسوسن کي لڳايو وڃي. ان ڪم لاءِ پوليس کاتي ۾ به الڳ نيٽ ورڪ ٺاهي سگهجي ٿو. ٻيو ته اسان هڪ ايڊيٽوريل ۾ اها به تجويز ڏني هئي ته ضلعي، تعلقا ۽ يوسيز سطح تي به ڏوهارين، دهشت گردن، چورن، ڌاڙيلن جي نالن جون لسٽون ٺاهي اهي مختلف ٿاڻن جي ريڪارڊ تي رکي انهن تي ڪڙي نظر رکڻ جو معمول وارو انتظام ڪيو وڃي. جيڪڏهن ايجنسين وٽ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي سرگرمين جو مڪمل  ريڪارڊ موجود رهي سگهي ٿو ته پوءِ ڌاڙيلن، دهشت گردن، ڦورن، چورن جو ريڪارڊ ڇو نه ٿو جمع ڪري سگهجي. اهي ذريعا ۽ طريقا استعمال ڪري به اوهان ڏوهارين جي نيٽ ورڪ کي تباهه ۽ برباد ڪري سگهو ٿا بس ضرورت صرف ان معاملي کي ترجيح ڏيڻ جي سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ارادي ۽ سنجيدگي جي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.