امام شاهه ولي الله جي معاشي نظرين مان فائدو وٺڻ جي ضرورت

تحرير: پروفيسر رحيم بخش سومرو

براعظم هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڪيترائي عالم، مجڏ، اديب ۽ ڏاها ماڻھون پيدا ٿيا آهن ۽ انهن ماڻهن تعليم، ادب ۽ قومي ترقيءَ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. انهن ۾ حضرت امام شاھ ولي الله دهلوي ھڪ تمام وڏو علمي ۽ سماجي سائنسدان (Social Scientist) آهي. اھل علم وٽ شاهه ولي الله صاحب پنهنجي وقت ۽ هينئر تائين جو مجدد طور مشهور آهي.

شاهه صاحب 1703ع ۾ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو. هي اهو وقت هو جڏهن هندستان جو هڪ انتهائي طاقتور ۽ معزز بادشاهه اورنگزيب عالمگير 1707ع ۾ وفات ڪري ويو. گڏيل قومن پاران شايع ٿيل هڪ تحقيقي رپورٽ هزار سالا عالمي معيشت جو جائزو (The World Economy: A Millennial Perspective) اينگس ميڊيسن جي صدارت هيٺ ۾ اھو انڪشاف ڪيو ويو ته سورهين ۽ سترهين صدين دوران دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت هندستان جي هئي جيڪا دنيا جي مجموعي گھربل پيداوار (Gross Domestic Product) جو 25٪ کان 27٪ پيدا ڪري رهي هئي. ان ڪري هندستان ان وقت دنيا جو امير ترين ملڪ هو. انهيءَ خوشحاليءَ جي ڪري هندستان دنيا ۾ سون جي جھرڪي (Golden Sparrow) جي نالي سان گهڻو مشهور هو. هندستان تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ اھو جي ڊي پي جي اڳ ذڪر ڪيل سطح کان گھٽ ٿي ڪري وڃي صرف 2 سيڪڙو تائين پھتو. نتيجي طور هندستان ۾ بک، بدحالي ۽ ڪيترائي خطرناڪ ڏڪر پئجي ويا. شاهه صاحب به انهيءَ خاص سنگم تي جنم ورتو جڏھن هندستان جي خوشحال وارو دور ختم ٿي رهيو هو ۽ بدحالي وارو جو دور شروع ٿي چڪو هو. اسان شاهه صاحب جي تعليمات کي ايتري اهميت ڇو ڏيون ٿا ان جا ڪارڻ اھي آھن ته شاهه صاحب انهن ٻنهي دورن (عروج ۽ زوال) کي ڏٺو ۽ مقامي عالم ھجڻ ڪري انھن جا سماجي ۽ معاشي نظريا هندستانين ۽ پاڪستانين جي سوچ ۽ اميدن مطابق آهن.

جيتوڻيڪ شاهه صاحب ڪيترائي معلوماتي ڪتاب تصنيف ڪيا آهن پر انھن مان ھڪ سندس مشهور ڪتاب حجة الله البالغة هو جتي معاشيات سميت مٿي ذڪر ڪيل عنوانن تي ڪيترائي باب موجود آهن. اقتصاديات جي هن باب ۾ قرآن ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ قائم ٿيل معاشي اصول شامل آهن. غالبن شاهه صاحب هي ڪتاب 1735ع کان 1740ع جي وچ ۾ لکيو جڏهن ته ايڊم سمٿ (سرمائيدارانا معيشت جو ابو) پنهنجو مشهور ڪتاب قومن جي دولت جي نوعيت ۽ سببن تي تحقيق (An Inquiry into the Nature and Causes of the Wealth of Nations) تقريبن 1776ع ۾ ڪري لکيو ھو. ان سان گڏو گڏ ڪارل مارڪس به پنهنجو مشهور ڪتاب داس ڪيپيٽل (Das Kapital) تقريبن ھڪ صدي کان پوءِ لکيو ھو. واضح رهي ته شاهه صاحب پنهنجو اھو مشهور ڪتاب اڳ  ذڪر ڪيل ڪتابن کان ڪافي عرصو پھريان لکيو ھو تنھن ڪري شاھ صاحب انھن اڳ ذڪر ڪيل ڪتابن کان متاثر ٿيڻ سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي.

شاهه ولي الله پنهنجي مشهور ڪتاب حجة الله البالغة ۾ معاشيات جي تعريف هن ريت ڪئي آهي ته معاشيات هڪ اھڙو علم آهي جنهن ۾ انساني فطرت جا بنيادي اخلاق، دور جا تجرباتي علوم، اجتماعي مفادن جي تقاضن کي سامھون رکندي انساني ضرورتن جي تعين ۽ انھن جي پوراءَ لاءِ  معاشي وسيلن جي حصول تي بحث ڪيو ويو ھجي. شاهه صاحب جي مشهور نظريي مطابق ماڻھن جي اخلاقيات جو دارومدار انھن ماڻهن جي معيشت تي آهي. جيڪڏهن اهي معاشي طور تي خوشحال هوندا ته انهن جا مجموعي اخلاق به بھتر هوندا. سماج کي معاشي طور تي بهتر بنائڻ لاءِ جيڪي ضروري اصول آهن انھن ۾ سڀ کان اول اصول هي آهن ته الله تعاليٰ سڄي زمين جو مالڪ آهي جڏهن ته ملڪ جي ماڻهن جي حيثيت مسافر خاني ۾ رهندڙ مهمانن وانگر آهن.

شاهه صاحب زمين کي اھم ترين معاشي ذريعو قرار ڏي ٿو. هي زمين ملڪ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن لاءِ معاشي وسائل رکي ٿي. هي زمين لامحدود معدني وسيلا رکي ٿي جيڪي ڪنهن خاص ماڻھن جي طبقي جي قبضي کي ناجائز قرار ڏئي ٿو خاص طور تي جاگيردارانا نظام کي. هن نظام موجب لامحدود زمينون چند جاگيردارن جي قبضي هيٺ اچي وڃن ٿيون جنهن سان ملڪ ۾ معاشي ۽ سماجي فرق پيدا ٿين ٿا. هن هاڃيڪار سرشتي جي ڪري ٿورا ماڻهو آسائشن جي زندگي گذاري رهيا آهن جڏهن ته اڪثريتي عوام انتهائي غربت ۽ محرومين جو شڪار آهن ۽ ان خراب معاشي حالتن جي ڪري سندن اخلاق خراب ٿي وڃن ٿا. اصل ۾ زمين انسانن جي گڏيل ملڪيت آهي، هر ماڻهوءَ کي پنھنجي ضرورت تحت زمين جو ٽڪرو رکڻ ۽ پنهنجي زمين مان پورو فائدو وٺڻ جو برابر حق آهي.

ٻيو اهم معاشي اصول اهو آهي ته دولت جي پيداوار (Production of Wealth) جو اصل سبب محنت (جسماني ۽ ذهني) آهي. جڏهن ڪو ماڻهو ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنھنجو ڪردار ادا نٿو ڪري ته ان جو ملڪ جي دولت ۾ ڪو به حصو نه آهي. اڳتي هلي شاهه صاحب جو اھو به خيال آهي ته طبقاتي نظام اسلام جي روح جي خلاف آهي خاص ڪري معاشي طبقات. انهن معاشي طبقن جو نتيجو اهو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا جو غريب ترين ملڪ آهي ۽ انساني ترقي واري انڊيڪس ۾ 180 ملڪن مان 150 نمبر تي آهي. انهن بدترين انگن ۽ اکرن جو وڏو سبب ملڪ جي معاشي وسيلن تي چند ماڻهن يا خاندانن جو قبضو آهي.

شاهه صاحب ماڻهن جي بنيادي ضرورتن جهڙوڪ کاڌو، ڪپڙو، رهائش، تعليم، روزگار جا موقعا، اظهار جي آزادي ۽ جان، عزت ۽ مال جو تحفظ  جي نشاندهي ڪئي. اڳتي هلي شاھ صاحب فرمايو ته سمورا ملڪي معاشي وسيلا بھترين طريقي سان استعمال ڪري انهن مٿين بنيادي ضرورتن جي فراهمي سڀني ماڻهن کي بنا ڪنهن فرق جي رنگ، نسل، مذهب ۽ ڪنهن ٻئي جي فراهم ڪئي وڃي. جيڪڏهن اهي معاشي وسيلا چند خاندانن جي قبضي ۾ رهندا ته ماڻهن جون اهي بنيادي ضرورتون پوريون نه ٿي سگهنديون. شاهه صاحب هڪ اهم نقطي تي به ڌيان ڏنو ته لامحدود دولت ھجڻ جي ڪري ھڪ عياش طبقو پيدا ٿي ويو آھي جيڪو پنهنجي عياشين کي پورو ڪرڻ لاءِ عام ماڻهن جي محنت تي ناجائز محصولات لڳائي ٿو. ان مقصد لاءِ  ملڪ جي عوام تي غيرقانوني طور تي ڪيترائي قسم جا محصولات لڳايا ويا آهن جيئن يوٽيلٽي بلن تي لڳ ڀڳ 14 قسم جا محصولات نافذ ٿيل آھن.  پنهنجون آسائشون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي قسمن جا ماڻهو جهڙوڪ شاعر، آفيسرشاھي، جج، مذهبي عالم، اديب ۽ ٻيا ماڻهو قوم جي خزاني تي مختلف حيلا ۽ بھانا ڪري  وڏو بار بڻجي وڃن ٿا. اڄڪلهه هرڪو چڱيءَ طرح ڄاڻي چڪو آهي ته مٿي ذڪر ڪيل ماڻهو ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ملڪي خزاني کي لٽي رهيا آهن ۽ هر روز اسان کي انهن جون شاندار گاڏيون، بنگلا، پگھارون ۽ ٻيون سهولتون نظر اچي رهيون آهن. انهن جي آسائشن ۽ مالي بدعنوانين جي ڪري قوم جي خزاني ۾ ايتري رقم موجود ناهي جو عام ماڻهن جي ضرورتن تي خرچ ڪري سگهي.

اهڙي معاشي نظام جي ڪري ملڪ ۾ غربت 40 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي. ملڪ جي خراب معاشي حالت سبب 8 لک کان وڌيڪ ماڻهو 2022 ۾ پاڪستان ڇڏي ٻين ملڪن ۾ خوشحال زندگي گذارڻ لاءِ ويا آهن. ان کان علاوه 56 لک کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار آهن ۽ ٻه ڪروڙ ٻار اڃا تائين اسڪولن کان ٻاهر آهن. آخر ۾ شاهه صاحب جو چوڻ آهي ته اھڙو معاشي نظام (جهڙو پاڪستان ۾ نافذ آھي) جيڪو پنهنجي عوام جون بنيادي ضرورتون به پوريون نه ٿو ڪري سگهي، ان کي مڪمل طور تي تبديل ڪيو وڃي. انهيءَ مقصد لاءِ شاهه صاحب ”فڪ ڪل نظام“ جو نعرو يعني نظام جي تبديلي ڏئي ٿو. مطلب ته ان معاشي نظام جو خاتمو ڪرڻو پوندو جيڪو ملڪ ۾ معاشي ۽ سماجي انصاف آڻڻ ڪونه ٿو ڏئي. شاهه صاحب ھڪ اھڙو سماج آڻڻ چاهي ٿو جنھن ۾ معاشي اعتدال پسندي متوسط رفاھيت معاشري لاءِ  ٻه اھم جز آھن. سادي لفظن ۾ مقصد اهو آهي ته وچولي طبقي کي پيدا ڪيو وڃي ۽ کيس وڌايو وڃي ڇاڪاڻ ته اهو طبقو آهي جيڪو ملڪ جي سماجي، سياسي ۽ معاشي ترقي ۾ بنيادي حصو وٺندو آهي. شاهه صاحب ظالم سماج کي ٽوڙڻ لاءِ ٽي اصول تجويز ڪيا آهن ۽ اهي آهن نظريو، ان  نظريي مطابق جماعت ۽ حڪمت عملي. هڪ انسان دوست جماعت ٺاهي وڃي جيڪا پڻ انسان دوست نظريي تي ٻڌل هجي ۽ اها پارٽي مختلف شعبن (معيشت دان، ڊاڪٽر، تعليمي ماھر، سياستدان ۽ ٻيا) جا ماهر به پيدا ڪري ته جيئن اها حڪومت کي موثر طريقي سان هلائي سگهي. سماجي تبديلي جو آخري جزو حڪمت عملي آهي. اڄڪلهه عدم تعاون تمام طاقتور آهي ۽ سماج جي تبديليءَ لاءِ ڪامياب حڪمت عملي طور موجود آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.