قيدين جي ڀلائيءَ واري ڪاميٽي جو متاثر ڪندڙ 20 سالن جو سفر

تحرير: دانش احمد سومرو

انصاف ۽ انساني حقن جي شعبي ۾، قيدين جي ڀلائي لاءِ ڪاميٽي فار دي ويلفيئر آف پرزنرز هڪ اميد ۽ ثابت قدمي جي بهترين علامت آهي، خاص طور تي جيل جي نظام جي اندر، بنيادي حقن کي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو، ڪاميٽي سماج کي وڌيڪ انصاف ۽ برابري جي طرف وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

جسٽس ناصر اسلم زاهد، جيڪي پاڻ سپريم ڪورٽ جا رٽائرڊ جج رهيا آهن، انهن  جي سربراهي ۾ عورتن جي جيل ڪراچي ۾ هڪ پائلٽ پراجيڪٽ جي طور تي 2004 ۾ شروعات ڪئي. سنڌصوبي اندر پنهنجي نوعيت جي پهرين سفر جو آغاز 20 سال پهرين ان بنياد تي رکيو ويو ته ننڍن ڏوهن جي قيدين جي قانوني مدد ڪري انهن کي هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪيو وڃي.

وومين جيل ڪراچي کان شروع ٿي، ڪاميٽي سڄي سنڌ جي تمام جيلن تائين وڌايو ويو آهي. 31  ماهر وڪيلن جي هڪ ٽيم جو نظريو صرف قانوني مدد کان مٿانهون آهي، اهي نه صرف قيدين جي سماجي تصور کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن انهن جي  بحالي جي موقعن کي هٿي ڏيڻ ۽ اميد رکندڙ مستقل لاءِ به جدوجهد ڪن ٿا.

ڪاميٽي جو پهريون مقصد جيلن ۾ حد کان وڌيڪ ماڻهن جي تعداد کي گھٽائڻ آهي. گذريل ڪافي سالن کان زير سماعت ڪيسن جي قيدين تي ان جو براه راست ڪافي اثر نمايان رهيو. جنهن ۾ عدالت ۾ 28,485 زير سماعت ڪيسن جي  قيدين  جي نمائندگي ڪرڻ، 24,016 ڪيسن کي ڪاميابيءَ سان حل ڪرڻ، 10,143 ماڻهن جي ضمانت حاصل ڪرڻ، ۽ ميرٽ جي بنياد تي 11,038 قيدي کي باعزت طور آزاد ڪرائڻ شامل آهن.

سنڌ جي قديم جيلن جي قانونن ۾ 2019 جي قانونسازي ڪري انهن ۾ سڌارا آڻڻ ڪاميٽي جي هڪ تاريخي ڪاميابي هئي، جيڪا 1984 جي جيل ايڪٽ کي بدلائي ترقي پسند سنڌ جيل ۽ سڌارن واري سروس ايڪٽ ۽ ضابطن سان تبديل ڪئي ويئي. هن نئين ايڪٽ تحت، ڪاميٽي کي سيڪشن 55 تحت قانوني مضبوطي پڻ حاصل ٿي.

ڪراچي  ۽ حيدرآباد ۾ عورتن جي جيلن ۾ ابتدائي سکيا جا مرڪز  به ڪاميٽي جي زير انتظام شروع ڪيا ويا آهن. جنهن ۾ پنهنجي مائرن سان گڏ قيد 2 کان 9 سالن جي ٻارڙن جي تعليمي ۽ تربيت جو انتظام ٿيل آهي. ڪاميٽي، اي ايم آءِ اسڪول ۽  مخير ماڻهن جي تعاون سان، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بنيادي تعليمي مرڪزن  جي ٻاهران خوبصورت باغ قائم ڪيا ويا آهن. هي باغ، راند جي ميدان، هڪ ميوزڪ وال، ٽري هائوس، سينڊ پِٽ، پکين جي پنڃري ۽ تلاءَ سان مڪمل، جيل کان ٻاهر جي زندگيءَ جي تقليد ڪرڻ ۽ ٻارن لاءِ مناسب ماحول ۾ اخلاقيات پيدا ڪرڻ لاءِ ٺهيل آهي.

ڪاميٽي 2017 ۾ ڪراچي جي سينٽرل جيل ۽ وومين جيل ۾ جيل پيرا ليگل پروگرام پڻ شروع ڪيو. ان شروعات کي حيدرآباد ۽ سکر جي سينٽرل جيلن تائين وڌايو ويو.هي  پروگرام اندر جيل جي نظم و ضبط سميت، قيدين جي حقن، ۽ فوجداري انصاف واري نظام بابت، قانوني خواندگي کي هٿي وٺرائي ٿو. تربيت يافته پيرا ليگلز، جيڪي پاڻ سزا يافته قيدي هوندا آهن،قانوني حقن بابت ڄاڻ ساٿي قيدين سان سيشن دوران ۽ باقي وقتن ۾ پڻ شيئر ڪن ٿا.

قانوني آگاهي سيشن مختلف عنوانن تي مشتمل هوندا آهن، جهڙوڪ پاڪستان جي آئين جو تعارف، بنيادي حق، ڏوهن جو تعارف، فوجداري قانون: فوجداري قانون جي بنياديات، فوجداري مقدمو، دفاع ۽ سزا، پيرول ۽ سزا جا سبب، نوجوانن جي انصاف، جنسيت ۽ شادي، ۽ ڪجهه سنڌ جيل ۽ اصلاحي سهولتون جيل رولز 2019 جا حصا شامل آهن.

عورتن قيدين جي بحالي ۽ معاشي بااختياريءَ کي نظر ۾ رکندي، ڪاميٽي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عورتن جي جيلن ۾ سلائي سينٽرز پڻ قائم ڪيا آهن. جن ۾ مستقل ماهر انسٽرڪٽر جي نگراني ۾ قيدي عورتن کي سلائي، ڪڙاهي وغيره جو ڪم سيکاريو وڃي ٿو. ان اقدامات سان جيل اندر قيد عورتون نه صرف پنهنجيون معاشي حالات بهتر ڪن ٿيون پر ان عمل سان هو پاڻ کي بامقصد مصروف رکن ٿيون، جيڪو نفسياتي طور جيل اندر بهترين قدم آهي.

سانٽيڪس – بٽر فلائي پاڪستان جي تعاون سان، سي ڊبليو پي ڪراچي، حيدرآباد، ۽ سکر جي عورتن جي جيلن ۾ ماهواري جي صفائي بابت مختلف وقتن ۾ معلوماتي پروگرام منعقد ڪري ٿي. حفظان صحت جي انتظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ صفائي واري شين جي فراهمي ماهوار بنيادن تي ڪاميٽي پاران بٽر فلائي جي سهڪار سان ڪئي ويندي آهي.

ان کان سواءِ ڪاميٽي ڪراچي يونائيٽيد جي سهڪار سان نوجوان قيدين لاءِ مختلف وقتن ۾ فٽ بال ڪئمپ جو پڻ اهتمام ڪندي آهي، جنهن سان راندين جي روح، نظم و ضبط ۽ محنت جهڙيون اهم مهارتون سيکاريون وينديون آهن. رهائي حاصل ڪندڙن نوجوانن کي پڻ انهن فٽبال سکيا سينٽرز ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.

جيئن ته ڪاميٽي نئين قيادت هيٺ پنهنجي مستقبل جو آغاز ڪري رهي آهي، ته محدود وسائل جهڙن مشڪلاتن کي سڃاڻڻ تمام ضروري آهي. حڪومت جي سهڪار سان هلندڙ تمام ڪاميٽين جي لاءِ شفافيت، آزادي، ۽ ذميواري سان ڪم ڪرڻ تمام اهم آهي. هي مختلف وقتن ۾ شموليت، مسلسل رپورٽنگ جي طريقيڪار کي نافذ ڪرڻ، ۽ متعلقه حڪمرانن جي نگراني ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو.

ڪاميٽي اميد، لگن، ۽ مضبوط تبديلي جو مثال آهي، جنهن سان گهڻن جي زندگين ۾ گهرو فرق پوندو آهي، ۽ هڪ وڌيڪ انصاف پسند ۽ همدرد معاشري جي راهه هموار ٿيندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.