هر دلعزيز سماجي شخصيت پير زاهد حسين جيلاني جو وڇوڙو

تحرير: سيد پيرشاھ جيلاني

تاريخ اھو ثابت ڪيو آهي ته انسان پنهنجي خوبصورت تاريخ خود پاڻ پنهنجي ڪردار جي بنياد تي ٺاهي سگهي ٿو ۽ ھميشه لاءِ  امر بڻجي ويندو آهي باوقار جياپو لاتعداد ماڻهن جي اميدن جو سبب بڻجندو آهي ھڪ بھترين انسان دوست ماڻهو ھزارين مجبور لاچار بيوس ماڻهن جو مضبوط سھارو ٿيندو آهي ۽ جڏهن اھو سھارو بي وقتاتو وڇوڙو ڪري وڃي ته زندگي ڄڻ بي معني بڻجي ويندي آهي.

پير زاھد حسين شاھ جيلاني جو وڇوڙو سچ پچ  تعلقي ٽنڊو غلام حيدر ۽ يونين ڪائونسل ( مويا ) غلام شاھ باگراڻي جي مسڪين ماڻهن جي اميدن جو موت ثابت ٿيو آهي پير زاھد حسين شاھ جيلاني جھڙا ماڻهو  پنهنجي سنھري تاريخ ٺاهي ھليا ويا آهن علائقي جي ماڻهن جا ننڍڙا ننڍڙا مسئلا پاڻ حل ڪندو ھو انهن کي پنهنجين خوشين ۾ شامل ڪندو ھو  سچ پچ ڪنهن جي اميدن جو ڪو سھارو بڻجي اھو پير زاھد حسين شاھ جيلاني سکي ماڻهن جي ٿاڻن جا مسئلا ھجن برادرين جا تڪرار ھجن ھاري زميندار جو مسئلو ھجي يا وري ڪنهن کي ڪا مدد جي ضرورت ھجي اھو پير زاھد حسين شاھ جيلاني ھر وقت پنهنجن غريب ماڻهن کي نااميد نه ڪندو ھو  يقينن ماڻهو جيئي ته پير زاھد حسين شاھ وانگر ۽ جڪڏھن  مري ته به پير زاھد حسين  شاھ وانگر مرجي پير زاھد حسين شاھ جيلاني ثابت ڪري ڏيکاري ويو ته مربو ڪئين آھي ۽ جيئبو ڪئين آهي.

جڏهن پاڻ زنده ھو ته ھزارين  ماڻهن جي محبتن جو مرڪز ھوندو ھو ۽ جڏهن ھي فاني دنيا ڇڏي ويو ته ھزارين ماڻهن کي روائڻ تي مجبور ڪري ويو ھزارين دلين کي زخم ڏيندڙ سندس موت ھڪ ياد گار موت ثابت ٿيو آهي مرد عورتون ۽ معصوم ٻار  پير زاھد حسين شاھ جيلاني جي وڇوڙي تي لڙڪ لاڙيندا رھيا  اھو پير زاھد حسين شاھ جيلاني جي ڪردار جي تاريخي فتح آهي تاريخي وڏائي ۽ ثابت قدمي ۽ باوقار  زندگي جو پورھيو آهي ھر ماڻهو کي مرڻو آهي پر يقينن زاھد شاھ جيلاني پاڻ کي راڄ  ڀاڳ جو راڻو ثابت ڪري ويو سندس وڇوڙي تي ھر اک آلي ٿيندي ڏٺيسين ڇا ته  ماڻهن سان سندس ملڻ جو خوبصورت انداز ھوندو ھو  ادب اخلاق پيار پھجائيپ  ۽ سچائي ۽ ھٿ جوڙ ڪمال جي ھوندي ھئي  ھر ماڻهو کي پنهنجو ڪرڻ جو ڏانءُ ڪير پير زاھد حسين شاھ جيلاني کان سکي سندس محبوب مرڪ  ماڻهن کي سندس عاشق بڻائي ڇڏيندي ھئي پاڻ غريب نواز ۽ انسان دوست ھوندو ھو مسڪين ۽ لاچار ۽ مجبور ماڻهن سان دلي طور ھمدردي ۽ پيار ڪندڙ سندن اخلاقي مدد ڪندڙ انسان ھوندو ھو سندس بيوقتائتي  وڇوڙي يقينن انهن لاچار ماڻهن کان سندن ھڪ مضبوط سھارو  کسي ويو آهي ماڻهو سندس وڇوڙي تي ان پير زاھد حسين شاھ جيلاني لاءِ  زارو قطار روئندا رھيا پاڻ ته  اسان کان جسماني طرح سان  وڇڙي ويو آهي پر روحاني طور اسان سان گڏ آھي ۽ ھميشه گڏ رھندو سچ پچ ته سندس اوطاق وسندي رھندي ھئي سنڌ جي سياسي سماجي ۽ ادبي تنظيمين جا اڳواڻ سندس گھر کي پنهنجو گهر سمجھندا ھئا ۽ کيس سنڌ دوست انسان سمجهندا ھئا سندس محبتن  جو ڪمال ھوندو ھو پاڻ ھميشه مظلوم ماڻهو جو مضبوط آواز بڻجندو ھو ان کان علاوه پاڻ پنهنجي علائقي  جو سرگرم سياسي اڳواڻ  ھئڻ جي باوجود اھڙو ماڻهو غريب ماڻهن جو يار بڻجي وڃي اھو شايد اسان جي ھن ناڪاره سسٽم ۾ ناممڪن ئي آهي پر پير زاھد حسين شاھ جيلاني  پنهنجي ڪردار جي بنياد تي ممڪن بنائي ويو  تنھن ڪري پير زاھد حسين شاھ جيلاني جو وڇوڙو علائقي جي ماڻهن جو وڏو نقصان ثابت ٿيو آهي ، پاڻ مويا شھر جي ننڍڙي ڳوٺ مويا غلام شاه باگراڻي سان تعلق رکندڙ هو. مويا شهر ۾ ٻيا ڪيترائي ئي ماڻهون رهن ٿا جيڪي شايد پير زاھد حسين شاھ جيلاني کان وڌيڪ دولتن ملڪيتن کان وڌيڪ وڏا زميندار وڏيرا ۽ جاگيردار آهن پر هن ماڻهون جو تعلق مڊل ڪلاس فيملي سان ھوندو ھو  پر دل جو بادشاه ماڻهو هو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.