مارڪسزم ۽ فلاسافي آف سائنس

تحرير: مسرور شاهه

اسان وٽ جيڪو مارڪسزم ويھين صديء ۾ سوويت ۽ چيني چوپڙين ذريعي پھتو ان جو بنيادي نقطو اھو ھو ته  مارڪسزم ڪل ڪائناتي نظريو ,مڪمل ضابط حيات ۽ سموري فطرت ,سماج ۽ ذھن جي ارتقا جا بنيادي قانون ٻڌائندڙ نظريو آھي ـ ان ڪري زندگي جي ھر شعبي جا بنيادي اصول مارڪسزم طئي ڪندو ـ ان کي اڄ اسان سوويت "ڊائيميٽ ” چوندا آھيون.    1960ع واري ڏھاڪي ۾ چيني ڪلچر انقلاب واري دور ۾ ھڪ فوٽو مشھور ٿيو ـ ان دور ۾ مائو جي قولن جي چوپڙي "Red Book” ڏاڍي مشھور ھئي ـ سو فوٽو ۾ ھڪ چيني ھاري ٽريڪٽر خراب ٿيڻ کانپوءِ  پنھنجو ٽريڪٽر ٺاھيندو آھي ـ ھڪ ھٿ ۾ پانو ۽ ٻئي ھٿ ۾ ريڊ بڪ ھوندو اٿس ته  ان ۾ حل ڏسان !

سنڌي ادب ۾ به  مارڪسزم جي اھڙي تشريح عام ٿي ـ شروعات جارج پوليزر جي ڪتاب "فلسفي جي ابتدائي ڪورس ” کان ٿي ۽ انتھا "اسپرڪن جي  "تاريخي ۽ جدلياتي ماديت ” تي ٿي ـ

ھاڻ جڏھن پوري ڪائنات ,سماج ۽ شعور جي ترقي جا سڀ بنيادي اصول مارڪسي جدليات فراھم ڪندي ته  ظاھر آھي نيچرل سائنس جي scientific knowledge ۾ جدلياتي اصول ڳولھڻ لازمي ٿي ويا ـ پوءِ  ڪامريڊ جدليات سمجھائيندي فطرت ۾ ايٽم اندر اليڪٽران ۽ پروٽان کي ضد ته  نيوٽران کي ان جي سنٿيسز سڏيندا ھئا  !  رياضي ۾ واڌو ڪاٽو کان ويندي نفي جي نفي جو اصول  باٽني جي علم مان بج مان وڻ ٿيڻ جي مثال طور سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندا ھا ـ پڪ ڄاڻو ! اڄ به  سنڌي ۾ مارڪسي جدليات جي نام نھاد نقادن اھي چوپڙيون پڙھيون آھن ـ

ان کان پھريان ته  مارڪسي جدليات ,فطرت ۽ نيچرل سائنس تي مختصر ڳالھائجي , پھريان مختصر ان تي ڳالھائجي ته  مارڪسزم اندر اھو لاڙو ڪٿان آيو ؟ ـ  19ھين صدي اندر اولھ جي فلسفي ۾ پازٽوزم (Positivism) ڏاڍو حاوي ٿيو ـ پازٽوزم يا اثباتيت جو خيال ھو ته  ڄاڻ اھا ئي آھي جيڪا ماپي سگھجي, نيچرل سائنس جھڙي تجرباتي عمل مان گذاري ثابت ڪري سگھجي ـ پازٽوزم empriscism جي اسريل شڪل ھئي ـ اھو دور نيچلر سائنس جي نظرين جو به  عروج جو دور ھو ـ نتيجي ۾ سماجي سائنس اندر به  پازٽوزم داخل ٿيو ـ آگسٽ ڪومٽي ,ھربرٽ اسپينسر وغيرھ جھڙن مفڪرن اھو خيال ڏنو ته  سماجي سائنس کي به  نيچرل سائنس جي اصولن تي مرتب ڪجي ۽ سماجي سائنس جو ڪم به  سماجي ترقي  جا اڻ ڌريا قانون ڳولھڻ ھجي ـ جيڪڏھن اھڙا قانون ملي ويا ته  فطرت وانگر انسان ۽ سماج کي به  ڪنٽرول ڪبو ـ نتيجي ۾ اسپينسر "سوشل ڊارونزم ” social Darwinism ۽ ڪومتي "social physics ” جا نوان موضوع ۽ اصطلاح متعارف ڪرايا ـ آسٽن قانون ۾ "legal positivism ” کڻي آيو ـ ان سڄي لاڙي جو مقصد جرمن خيال پسند فلسفياڻي ٽريڊيشن جيڪا ڪانٽ ھيگل کان ٿيندي مارڪس تائين اچي ٿي ان جو مقابلو ڪرڻو ھو ـ ان لاڙي جو مقصد ھو ته  جئين فزڪس ۽ بائلاجي طبعي ۽ حياتياتي ارتقا جا اڻ ڌريا قانون درفيات ڪيا آھن ايئن سماجي سائنس انساني سماج بابت اڻ ڌريا ,معروضي ۽ آفاقي قانون ( جيڪي انساني شعور  کان آزاد ھجن ) ھٿ ڪري انساني معاشري ۽ انسان کي به  ھڪ فطري جسم وانگي ڪنٽرول ڪري ,,ان کي ھلائي ۽ ان جي خرابين کي ھميشا لاءِ  ختم ڪري !

مارڪس پنھنجي پوري علمي زندگي ۾ پنھنجي "فلسفي يعني جدلياتي ميٿڊ ” تي صرف ٻن پيجن جي ٿيسزز آن فيورباخ لکي باقي لينن جي بقول مارڪس جو فلسفياڻو طريقيڪار (dialectics ) سندس سياسي معاشي لکڻين ۾ پيوست آھي ـ اھو الڳ سان ناھي لکيل ـ ان ڳالھه ھڪڙو مسئلو پيدا ڪيو ته  مارڪسي فلسفو يا ميٿڊ  پوءِ  آھي ڇا ؟ ھاڻ ضرورت پئي ته  مارڪسي فلسفو تشڪيل ڪجي ؟ ان ڪم کي پھريان اينگلز ۽ پيلخانوف کنيو ـ خود ” جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جا الڳ الڳ اصطلاح ” مارڪس جي ڪنھن به  لکڻي ۾ ناھن ـاھا ڪيٽيگورائزيشن اينگلز ۽ پليخانوف جي آھي ـ اينگلز , پليخانوف ۽ سيڪنڊ انٽرنيشنل جڏھن اھو ڪم ڪيو ته  ھو ان دور جي غالب علميات پازٽوزم جي دٻاء ۽ اثر کان جان نه  ڇڏائي سگھيا ـ بلڪي جيڪو طريقيڪار يعني پازٽوزم مارڪسي جدليات جو سخت مخالف ھو , مارڪسي جدليات کي ان جي اثر ھيٺ بيان ڪرڻ شروع ڪيو ـ نتيجي ۾ مارڪسزم کي ھڪ اھڙو نج معروضيت پسند سائنسي نظريو ڪري پيش ڪيو ويو جيڪو نه  صرف سماج جي ارتقا  جا اڻ ڌريا ,ڪائناتي ۽ اٽل قانون ٻڌائي ٿو پر فطرت جي ارتقا جا به  جنرل قانون بيان ڪري ٿو ـ يعني مارڪسزم کي نيچرل سائنس جي اصولن تي مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ـ جئين نيچرل سائنس حياتياتي ارتقا ۽ طبعي ارتقا جا اڻ ڌريا ۽ معروضي قانون (جيڪي انساني عمل کان آزاد آھن )  بيان ڪري ٿي ايئن تاريخي ماديت سماج ۽ شعور جي حرڪت جا اڻ ڌريا قانون بيان ڪري ٿي ۽  جدلياتي ماديت فطرتي ارتقا جا به  جنرل قانون بيان ڪري ٿي ـ  ايئن مارڪسزم کي  ڪانٽ کان پھرين واري metaphysical دور داخل ڪري کيس ڪل ڪائناتي سائنسي نظريو ,مڪمل ضابط حيات ڪري بيان ڪيو ويو ! ـ

ٻيو الميو وري اھو ٿيو جو اھا ليگيسي لينن کانپوءِ  سوويت يونين ۾ به  جاري رھي ـ ان جو ھڪ سبب  Alex levant جي تحقيقي ڪتاب "Evald Illyankov and Creative Soviet Marxism ” ۾ ملي ٿو ـ سندس تحقيق مطابق "اينگلس ,پليخانوف ۽ سيڪنڊ انٽرنيشنل ” جي مارڪسي فلسفي جي ان ميڪانڪي ۽ پازٽوسٽ تشريح کي سياسي طور مات ته  لينن ڏني پر لينن خود فلسفياڻي ميٿڊ تي تفصيلي نه  لکيو ـ ان ڪري سوويٽ پارٽي ۽ ادارن اندر اھو آرٿوڊڪس  مارڪسي فلسفلو ئي حاوي ھو جنھن جو مڪمل آفيشل اظھار اسٽالن جي چوپڙي ” جدلياتي ۽ تاريخي ماديت ” ۾ ٿئي ٿو ـ بعد جا سڀ سوويت آفيشل فلسفي جا ڪتاب اسٽالن جي ان ڪتابچي جي توسيع آھن ـ

مارڪس جو فلسفياڻو نقطي نظر ۽ طريقڪار سندس شاھڪار "ٿيسزز آن فيورباخ ” ۾ کليل طور   واضع ۽ ڪيپٽل ۾ سياسي معاشي ڪيٽيگرين جي سمجھاڻي ۾ لڪل آھي ـ مارڪس جرمن خيال پسند فلسفياڻي ليگيسي جنھن کي ڪريٽيڪل ٿيوري چئجي ٿو , ان جو تنقيدي تسلسل آھي ـ مارڪس ڪڏھن به  ڪو ڪلي ڪائناتي اڻ ڌريو معروضيت پسند نظريو ۽ ضابط حيات ڏيڻ جي دعوا ناھي ڪئي جيڪو ھر علم جا بنياد فراھم ڪري  ـ مارڪس مطابق  ته  سچ به تاريخي عمل ۾ تشڪيل ٿيڻو آھي نه  ڪي ڪنھن نظريي يا فلسفي وٽ موجود  آھي !

ڳالھه شروع ٿئي ٿي ڪانٽ کان جنھن ” Critique of pure reason ” ۾ عقل ۽ فسلفي تي حد مقرر ڪئي ـ پھريان فلسفو زندگي جي ڪنھن به  معاملي کي سمجھائڻ لاءِ  ڪائنات جي first cause کان شروع ڪندو ھو ـ ان ڪري افلاطون يا ارسطو لاءِ   اخلاقيات تي ڳالھائڻ لاءِ  به  حياتيات ۽ طبيعات تي ڪم ڪرڻ لازمي ٿي ويو ڇاڪاڻ ته  مذھب وانگر جيڪڏھن ڪائنات جي ظھور جو جواب نه  ڏبو ته  پوءِ  رياست ,انصاف ,سياست ۽ اخلاق جي مسئلي کي حل ڪئين ڪبو ؟ ان ڪري اھو دور فلسفي جو metaphysical دور ھو جنھن ۾ فلسفو ھر ڳالھه ۾ ٽنگ اڙائي پاڻ کي سڀني علمن جي ماءُ قرار ڏئي سڀني جا پيو اصول طئي ڪندو ھو !

ڪانٽ بنيادي طور تي فلسفي تي حد مقرر ڪري اھو چيو ته  فلسفو بنيادي طرح آخري نتيجي ۾ علميات epistemology ئي آھي جنھن جو ڪم انساني شعور جي شڪلن (فلسفو مذھب اخلاق سياست وغيرھ) تي ۽ ان جي بنيادن تي ڳالھائڻ آھي ـ جئين ته  ڪانٽ وٽ phenomenon جو مطلب اھا حقيقت آھي (اسان جي مادي دنيا ) جيڪا انساني شعور جي شڪلن تشڪيل  ڪئي آھي   ۽ neomenon ان کان ماورا حقيقت آھي جنھن کي اسان ڄاڻي ئي نٿا سگھون , ان ڪري پوءِ  اچو ته  انساني شعور جي شڪلن تي ڳالھايون ـ انساني شعور  کي سمجھڻ معني دنيا کي سمجھڻ ـ انھن تي تنقيد ۽ ان کي بھتر ڪرڻ مطلب دنيا کي بھتر ڪرڻ ـ ڇڏيو neomenon کي جيڪا انسان کان ماورا ڪا metaphysical حقيقت آھي ! ـ ھتي ڪانٽ جو ٻيو انقلاب اھو به  ھو ته  ھو انساني شعور کي مادي معروضي سمجھي ٿو ـ اھو ڪلچر قانون مذھب رياست جي صورت ۾ ٻاھر وجود رکي ٿو ـ ايئن فلسفو محدود ٿي ويو ـھاڻ ان جو م شعور جي صورتن تي ئي ڳالھائڻ آھي

ان کانپوءِ  ھيگل جڏھن spirit جي سوال کي کڻي ٿو ته  ان جو به  ھاڻ مقصد انساني شعور جي صورتن جو تاريخي اڀياس آھي ـ ھيگل انساني شعور کي تاريخ ۾ سمجھي ٿو ته تاريخ بنيادي طور تي رياست , خيالن , انقلابن , ادارن جي ارتقا جي صورت ۾ انساني شعور جي ارتقا جي تاريخ آھي ـ تاريخ  بنيادي طور تي شعور جو سفر آھي , spirit جو پنھنجي پاڻ سان ملڻ جو (absolute spirit ) ,  پنھنجي نرواڻ جو سفر  آھي ! ـ ھتي ھيگل نه  صرف انساني شعور جي صورتن کي معروضي ۽ مادي سمجھي ٿو پر تاريخي به  سمجھي ٿو ـ بس ٿورو الٽي انداز ۾ !

ڳالھه کي کٽائندي جڏھن مارڪس وٽ پھچون ٿا ته  مارڪس وٽ به  اھو ئي علميات جو سوال آھي ته  انساني شعور جي صورتن جي ارتقا جو بنياد ڇا آھي ؟ ڇا واقعي انساني شعور مادي حقيقت (سچ ) کي ڄاڻي سگھي ٿو ؟

ٿيسز آن فيورباخ جي ٻين ٿيسز  شروع اتان ٿئي ٿي ”اھو سوال ته  انساني شعور معروضي سچ کي ڄاڻي سگھي ٿو  , علمي  سوال کان وڌيڪ عملي سوال آھي ـ انسان کي سچ  عمل ۾ ثابت ڪرڻو آھي (يعني سچ تاريخي عمل ۾ تشڪيل ٿيندو ) ـ اھو بحث ته  ڪا سوچ سچي ۽ معروضي آھي يا نه , عملي ڪسوٽي کان بغير ھڪ قياس آرائي آھي ”

جيڪڏھن معروضي سچ ڪٿي پيو ناھي پر انسان جي تاريخي عمل ۾ تشڪيل ۽ حاصل ٿيڻو آھي ته  پوءِ  مارڪسزم اھا دعوا ڪئين ٿو ڪري سگھي ته  سندس جدليات وٽ پوري ڪائنات , سماج ۽ شعور جا اٽل اڻ ڌريا ۽ معروضي قانون پھريان کان موجود آھن ؟

(هلندڙ)

مارڪسي جدليات ان مسئلي کان شروع ٿئي ٿي ـ اھا ھڪ پاسي شعوري عمل (praxis ) جو فلسفو يا تاريخي مادي نقطي نظر historic materialist conception آھي جيڪو اھو ته  مڃي ٿو ته  شعور ثقافت مذھب قانون رياست جي صورت ۾ معروضي طور وجود رکي پر ھيگل جي برعڪس مارڪس اھو بيان ڪري ٿو ته  سماجي شعور جو بنياد سماجي مادي عمل(سماجي وجود)  آھي ـ ماڻھو پنھنجي ارد گرد ۽ فطرت کي ايترو سمجھي ٿو جيترو ھن جي پورھئي جو عمل , اوزار ۽ پيداواري رشتا اسريل ھجن ٿا ـ  انسان پنھنجا فطرتي خيال يا سياسي خيال پنھنجي معاشي سماجي ڍانچي جي اردگرد ٺاھي ٿو ـ اوائلي دور ۾ ماڻھن چنڊ تارن کي ايترو سمجھو جيترو ھو انھن کي ڪلينڊر ٺاھي زراعت ڪري سگھن يا ڪمپاس ٺاھي سمنڊ جو سفر ڪري سگھن پر اڄ انھن ئي سج چنڊ تارن کي الاءِ  ڪيتري اونھائي تائين سمجھي چڪا آھن ڇاڪاڻ ته  ھاڻ سماجي معاشي عمل ۽ تقاضا اسپيس ڪالونائيزيشن جي گھرجائو آھي !

ھا انساني شعور پنھنجي دور جي سماجي معاشي ڍانچي کان اڳتي ڇلانگ ھڻڻ جي ڪوشش ڪندو آھي پر وري به  آخري نتيجي ۾ انساني سماجي عمل ۽ ان جا خدوخال (سماجي معاشي ڍانچو ) اھا ميگنيٽ فيلڊ آھي جيڪا شعور جي حدبندي طئي ڪري ٿي ـ مثال يونانين سائينس ۾ اھڙيون اڳڪٿيون ڪيون جيڪي جديد دور ۾ ثابت ٿيون پر اتي ئي مارڪس چئي ٿو ته  يونانين فطرت بابت اھڙي ته  شاندار قياس آرائي ڪئي پر ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ  انھن وٽ اوزار ۽ وسيلا ميسر نه  ھئا !

انسانن ڀلا polytheism کان monotheism جو سفر ڪئين ڪيو ؟ ڇا اھو وحدانيت جو نظريو ھو جنھن شھنشايت جو سياسي سماجي عمل ۽ ڍانچو تشڪيل ڏنو يا اھا قبيلائي سرشتي مان انسان جو شھنشاھيت ڏانھن وڌڻ ھو جنھن انسان جي مذھبي شعور ۾ ارتقا آندي ته  ڪائنات جو ڪو ھڪ ئي ڌڻي patriarch آھي ؟  ڇا تھذيب جي ارتقا سان جڏھن ذھني جسماني پورھئي جي ورڇ ٿي ۽ ذھني پورھيو۔  آياشي ۽ دولت جو وسيلو ٿيو ۽ جسماني پورھيو غلامن جي ڪرت   ته  تڏھن ارسطو جھڙن فلسفين  اعلي انساني  سرگرمي biotheoreticos دانشواراڻي سرگمي قرار ڏني يا ارسطو جي خيالن سماج جي اھڙي حدبندي پيدا ڪئي ؟ جواب سڌا ۽ سولا آھن ـ ھتي واضع آھي ته  شعور ۽ خيال ڪئين سماجي عمل ۽ ان جي تضادن جي اردگرد ۽ انھن جي اثر  ھيٺ پيدا ٿين ٿا ـھا پوءِ  اھي خيال وري جدلياتي طور انھن سماجي ڍانچن کي وڌيڪ پختو ڪندي ان جي افزائش ڪن ٿا ـ جئين ارسطو جھڙن فلسفين جي خيالن غلامي جي اداري جي جواز لاءِ  فلسفياڻو نظريو پيش ڪيو يا وحدانيت جي خيالن شھنشايت کي وڌيڪ پختو ڪيو!

جڏھن انساني شعور ۽ ان جون صورتون سماجي ۽ تاريخي آھن ۽ ان جي حد بندي انسان جو سماجي عمل يا ڍانچو طئي ڪري ٿو   ۽ سماجي عمل جي تضادن  کان اھو شعور آزاد ناھي ته  پوءِ  ڪو به  ” علم پيدا ڪرڻ ” سماجي عمل(social act ) ٿيو ۽ نيچرل سائنس به  ان کان آجي ناھي !  ـ مارڪسي جدليات جو موضوع  ھر علم جي مواد content سان سڌي طرح تعلق نٿو رکي  پر ان جو ڪم علم جي عمومي بنيادن تي ڳالھائڻ , ان جي مواد مان اھو ٻڌائڻ ته  اھو علم ڪئين ھڪ سماجي عمل آھي ۽ سماجي تضاد ڪئين ان علم جي نظرين ۾ ظاھر ٿين ٿا , ان علم جي سماجي ڪارج ۽ آخر ۾ ان علم جي نظرين سان تنقيدي ۽ جدلي انداز ۾ engage ٿيڻ آھي  ـ اھا ڳالھه نيچرل سائنس تي به  لاڳو آھي ۽ اتان ئي مارڪسزم جي فلاسافي آف سائنس جي ٿيوري ڦٽي ٿي ـ

مارڪس نيچرل سائنس يا ” سائنسي علم پيدا ڪرڻ ” کي سماجي عمل سمجھي ٿو جيڪو سماج جي معاشي سماجي ڍانچي ۽ ان جي تضادن کان اڻ ڌريو عمل ناھي بلڪي آخري نتيجي ۾ اھي  ان جي  نظرين تي اثر انداز ٿين ٿا ـ ھتي ھڪ ڳالھه واضع ڪرڻ لازمي آھي ته  سائنس جي factual knowledge ۽ سانسي ٿيوريز يا تشريحن ۾ فرق آھي ـ  ـ مثال ڊاڪنس جڏھن "selfish Gene ” لکي ٿو ته  ” سائنس جي جين بابت فيڪچوئل ناليج يا جين جو فيڪٽ ڪھڙي زاويي تحت يا ڪھڙي پيرائي ۾ "خودپرست ” ٿئي ٿو ؟ جئين ته  جين تي ڪم ڪندڙ ڊاڪنس ھڪ سماج جي  نظرياتي سياسي ڍانچي اندر ” سانئنسي فيڪٽ يا علم ” پيدا ڪري رھيو آھي ان ڪري ھن جو اھو عمل اڻ ڌريو نٿو رھي ـ ھن جي جين جي تشريح نج معروضي ناھي بلڪي ھو ھڪ خاص سماجي پاور جي ڍانچي کي نظرياتي جواز به  ڏئي ٿي ـ ھاڻ مارڪسزم جو اتي ڪم جين تي ڳالھائڻ ناھي يا ان ۾ جدليات ڳولھڻ ناھي نه  ئي ان جو انڪار آھي   ـ پر مارڪسزم جو ڪم ڊاڪنس سان جدلياتي طور انيگيج ٿيڻ آھي ـ ان انگيجمينٽ جو مقصد جين جي حقيقت کي تسليم ڪندي (سائنس جي انقلابي پاسي کي پنھنجو ڪندي )  اھو ظاھر ڪرڻ آھي ته ان "سائنسي فيڪٽ ” جي پيداوار ڪئين ھڪ سماجي ۽ نظرياتي ڍانچي اندر ٿي رھي آھي تنھن ڪري اربين جينز  مان ھڪ جين جي ڪاميابي کي ڪپيٽلزم جي ڪيٽيگوري "selfish ” جين جو نالو ڏنو ويو  ۽ اھو اڻ ڌرائتو عمل ناھي ـاھو خود سماجي سياسي عمل آھي ـ ساڳي طرح  ڪارل ساگن جيڪڏھن "pale blue dot ” لکي ٿو ته  اھا حقيقت آھي ته 1990۾   6 ارب ڪلوميٽرن جي فاصلي تان اسپيس مان وويجر ون جي نڪتل تصوير ۾ ڌرتي ھڪ "نقطي ” جيتري ڏسڻ ۾ اچي ٿي پر   جڏھن ساگان چوي ٿو ته  ڏسو ان نقطي تي اسان جي پوري تھذيب آھي ـ ۽ ڪيتريون بي معني آھن صرف ان  نقطي تي حاڪميت لاءِ  اسان جون ڪيل جنگون ,لڙايون ۽ ويڙھون ! ھي سياست ۽ ھي نظريا ۽ رياستون !۔  ڪيترا فضول آھن ان نقطي کي ڏسي ڪري ! ـــ ته  ڇا  ساگان اھا تاريخي حقيقت  لاشعوري طور  وساري ۽ نظرياتي طور ڍڪي نه  رھيو آھي ته  ان pale blue dot تي  اسان جون  ڪيل سياسي,  نظرياتي مزاحمتون جنگون ۽ ويڙھون ايتريون قيمتي آھن جو  انھن جي ڪري ئي  انساني شعور دقيانوسي مان جان ڇڏائي ان ڏاڪي تي پھتو جو وويجر ون جي تصوير ذريعي ھاڻ  خودشناس ٿي پاڻ کي ان وسيع انداز ۾ ڏسي رھيو آھي  ؟ ڪئين اھو pale blue dot ۽ ان جا وجودي سماجي تضاد بي معني ٿيا ؟  ڇا pale blue dot ۾ ساگان جي تشريح ۽ ڪاسمولاجي ۾ بار بار سائنسدانن جا اھڙا خيال ورجائڻ خود نظرياتي طور ڌرائتو عمل نٿو ٿي وڃي ؟

ايئن غور ڪيو ھاڪنگ جي ” ٿيوري آف ايوري ٿنگ ” تي ـڪائنات کي ھڪ پاسي وڏن مادن جي ليول تي اسپيس ۽ ٽائم جي نظرين جي صورت ۾ ۽ ننڍي کان ننڍي سطح تي ڪوانٽم فزڪس جي صورت ۾ سمجھو پيو وڃي ـ انھن ٻنھي اپروچز کي گڏائي ھڪ "ٿيوري آف ايوريٿنگ ” ڏيڻ جي ڪوشش  ھاڪنگ ڪئي جيڪا ڪائنات جي سٽ کي سلجھائي ڇڏي ۽ پوءِ  ڪنھن به  فلسفي ۽ اخلاقي نظرين جي ضرورت نه  پوي ـ انسانن کي اھا ٿيوري آف ايوري ٿنگ سڀني بنيادي سوالن جا جواب ڏيڻ جي قابل ھوندي ـ جيتوڻيڪ ھاڪنگ ان ڪم ۾ ڪامياب نه  ويو پر ڇا اھا ڪوشش ” نظرياتي خلا ” ۾ ٿي رھي آھي ؟ اھا ڪوشش خود 19ھين صدي جي پازٽوزم ۽ ويھين صدي جي سائنٽزم جي نظريي جو نئون اڀار آھي  جنھن تحت ھر ڄاڻ ۽ حل جو ماخذ فطري سائنس آھي  ۽ حقيقي ڄاڻ آھي ئي  اھا جيڪا فطري سائنس مان اچي , جيڪا ماپجي سگھي , جيڪا فطري سائنس جي تجرباتي پروٽوڪول مان گذري ! ـ يعني پوءِ  ٻيا سڀ علم فلسفا انقلاب ڪم جا نه  رھندا ـ

ھاڪنگ جو ” سائنسي ٿيوري جي  پيداوار”  جو اھو عمل خود ھڪ سماجي ۽ نظرياتي ڍانچي اندر ٿي رھيو آھي ۽ اھو ان جي تضادن کان آجو ۽ اڻ ڌريو ناھي ! ايئن ڪالونيل دور جي سائنسي نظرين کان ويندي,  جن گوري رنگ جي نسل جي برتري کي  "سائنسي”  جواز ڏنا, آئنسٽائن جي نسبيت جي ٿيوري تائين , سائنس جي ارتقا جي سماجي ۽ تاريخي بنيادن تي گھڻو مواد اچي چڪو آھي ـ

ايئن مارڪسزم  ھڪ فلسفياڻي طريقيڪار طور نيچرل سائنس تي عمومي انساني شعور جي صورت  طور ڳالھائڻ جو حامي آھي ـ ھن جو مقصد ان سائينفڪ ناليج جي مڪمل نفي ڪرڻ ناھي جئين خيالپرست , مذھبي يا پوسٽ ماڊرنسٽ ڪن ٿا ۽ نه  وري مارڪسزم سائنٽزم جو حامي آھي  بلڪي ھن جو مقصد فطري سائنس سان  ھڪ انساني شعور جي صورت طور جدلي طور انگيج ٿيڻ آھي ـ ھن جي جدلي تنقيد ۽ انگيجمينٽ جو مقصد انساني شعور ۽ علم جي ھاڪاري پاسن کي پنھنجو ڪري رجعتي پاسن کي رد ڪرڻ آھي ڇڪاڻ ته  مارڪسزم آخري نتيجي ۾ انقلابي جدليات آھي ـ سندس حدف سڀني علمن سان انيگيج ٿي ھڪ جامع نقطي نظر پيدا ڪري  سماج جي ڪاياپلٽ  ڪرڻ آھي ـ ان ڪري مارڪسزم  وٽ سچ پيل ناھي پر سچ جي تشڪيل (انقلاب ) جا عملي ۽ علمي خدوخال طئي ڪرڻ  سندس ڪم آھي ـ مارڪسزم صرف ۽ صرف  جدلياتي  ميٿڊ ۽ انقلابي نقطي نظر  آھي ـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.