ڪراچي جي اسپتال ۾ ٻن ڏينهن اندر ٻارڙن جو وڏو انگ داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ”اين آئي سي ايڇ “ ٻارن واري شعبي جي اسپتال ۾ ٻن ڏينهن اندر وڏي انگ ۾ ٻارڙا داخل ڪيا ويا آهن.
اين آئي سي ايڇ اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ناصر موجب اسپتال ۾ ٻن ڏينهن اندر وڏي انگ ۾ ٻارڙا داخل ٿيا آهن، داخل ٿيل ٻارڙا ڪهڙي بيماري سبب داخل ڪيا ويا آهن، ان جي رپورٽ گهري آهي.
ڊاڪٽر ناصر جو چوڻ هو ته ٻين اسپتالن مان ريفر ٿي آيل مريضن جي ڪري اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ آهي، ان حوالي سان صحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ صحت واري وزير کي رپورٽ موڪلينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.