ڪوريا جي هر گهٽيءَ ۾ آذان جو آواز هوندو! اسلام قبول ڪندڙ فنڪار پاران مسجد ٺاهڻ جو اعلان

ڪجهه سال پهريان اسلام قبول ڪندڙ ڏکڻ ڪورين يوٽيوبر ۽ فنڪار دائود مسجد ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
انسٽاگرام تي مسجد جي تعمير لاءِ خريد ڪيل زمين ۽ ڪاغذن جي تصوير شيئر ڪندي دائود ڪم ڏکڻ ڪوريا جي انچيون ۾ مسجد ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.
شيئر ڪيل تصوير ۾ دائود ڪم کي مسجد جا ڪاغذ هٿ ۾ کڻي مسجد لاءِ خريد ڪيل زمين تي سڪون محسوس ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
دائود ڪم طرفان شيئر ڪيل پوسٽ جي ڪيپشن ۾ چيو ويو آهي ته آخرڪار مون توهان جي تعاون سان انچيون ۾ مسجد جي تعمير لاءِ زمين جو معاهدو ڪري ورتو آهي، اها جاءِ جلد مسجد ۾ تبديل ٿي ويندي، يقين نٿو اچي ته اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو؟
هن لکيو ته مون کي پڪ آهي ته هڪ ڏينهن ايندو جڏهن ڏکڻ ڪوريا جي هر گهٽي خوبصورت آذان جي آواز سان گونجندي، جنهن لاءِ مان پنهنجي ڪوشش ڪيان پيو.
واضح رهي ته دائود ڪم سيپٽمبر 2019ع ۾ اسلام قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.