انجلينا جوليءَ جي براڊ پَٽ کي ڳجهون وڊيوز ليڪ ڪرڻ جي ڌمڪي

لاس اينجلس ( ويب ڊيسڪ ) هالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪارا انجلينا جولي پنهنجي اڳوڻي مڙس اداڪار براڊ پٽ کي تشدد واريون ڳجهون وڊيوز ليڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اداڪارا ڳجهي نموني وڊيوز ٺاهيندي رهي ۽ هاڻ هوءَ انهن کي قانوني ويڙهه ۾ فتح لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.
انجلينا جوليءَ دعويٰ ڪئي آهي ته براڊ پٽ 2016ع ۾ هوائي جهاز ۾ ٿيل جهيڙي کان اڳ به ساڻس ۽ سندس ٻارن سان زباني توڻي جسماني بدسلوڪي ڪندو رهيو ۽ وٽس ان جا ثبوت وڊيوز جي صورت ۾ موجود آهن.
ياد رهي ته جيڪڏهن اداڪارا اهڙي قسم جون وڊيوز رليز ڪيون ته ٻنهي جو شوبز ڪيريئر جي متاثر ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.