جي يو آءِ پاران پنهنجي عورت اسيمبلي ميمبر تي ڳٺ جوڙ جو الزام، رڪنيت چيلنج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام پنهنجي عورت اسيمبلي ميمبر خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي.
جي يو آءِ طرفان داخل ڪيل اپيل ۾ چيو ويو آهي ته پارٽي طرفان جمع ڪرايل فهرست ۾ صدف احسان جو نالو نه هيو، جماعت صدف ياسمين جو نالو ڏنو هيو پر هن دلچسپي ظاهر نه ڪئي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته صدف احسان پارٽي جي مخالف ماڻهن جي ڳٺ جوڙ سان صدف ياسمين واري سيٽ حاصل ڪئي، اليڪشن ڪميشن پاران جاچ شروع ٿي ته صدف احسان هاءِ ڪورٽ وئي ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ سندس ميمبر طور نوٽيفيڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
جي يو آءِ پنهنجي عورت ميمبر خلاف داخل ڪرايل اپيل ۾ چيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون ۽ آئين موجب ناهي، ان کي واپس ورتو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.