بالي ووڊ فلمن جي آڇ بابت عمران عباس ڪوڙ ٿو چئي: ڪي آر ڪي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ فلمن جي تنقيدنگار ڪمال راشد خان (ڪي آر ڪي) پاڪستاني اداراڪار عمران عباس جي بالي ووڊ فلمن جي آڇ وارين فلمن جي دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ڀارتي رپورٽس موجب هڪ خانگي ٽي وي چينل ۾ شرڪت جي دوران عمران عباس پاڪستاني فلمن ۾ ڪم نه ڪرڻ جي ڳالهه تي چيو هو ته پاڪستاني فلمن ۾ ڪم نه ڪرڻ جا گهڻا ڪارڻ آهن ، اسڪرپٽس سمجهه نه اچڻ، فلم جو معاوضو يا وري وقت يا ايئن ٿي سگهي ٿو ته مان پاڻ کي فلم مٽيريل نٿو سمجهان.

ٻئي پاسي ڀارتي فلمن جي آڇ تي ڳالهائيندي اداڪار چيو ته ڪجهه سال اڳ کيس ڀارتي فلمن جي آڇ اچڻ لڳي هئي جنهن مان پهريون راج ڪمار طرفان آڇ ٿي هئي جنهن جو ڪانٽريڪٽ پڻ سائن ڪيو هو، سنجي ليليٰ ڀنسالي طرفان گذارش، رام ليلا جي آفر آئي هئي، عاشقي 3 جي ته سڀين کي خبر به آهي.

عمران عباس چيو ته ان قصي کي مان ايترا ڀيرا ميڊيا ۾ ٻڌايو آهي جو مان پاڻ تنگ ٿي پيو آهيان ۽ هر ڀيري ٻڌائڻ سٺو به ناهي لڳندو. ان کانپوءِ بالي ووڊ فلمن جي تنقيدنگار ڪي آر ڪي چيو ته عمران عباس جون دعوائون ڪوڙيون آهن.

هڪ وڊيو ۾ ڪي آر ڪي چيو ته پاڪستاني اداڪار ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪندا هئا ان وقت عمران عباس مهيش ڀٽ سان اچي ملندو هو، مهيش ڀٽ جي فلم ۾ هن ڪم به ڪيو آهي، هاڻي عمران عباس چئي ٿو ته کيس سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم رام ليلا، عاشقي ٿري جي آڇ به ٿي هئي. ان کان پوءِ سماجي رابطن جي ويبسائيٽس تي عمران عباس کي ٽرول ڪيو پيو وڃي.

ڪمال راشد دعويٰ ڪئي آهي ته عمران عباس بالي ووڊ فلمن جي آڇ بابت ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي جيئن ماضيءَ ۾ بالي ووڊ اداڪار گووندا هالي ووڊ جي فلم اواتار جي آڇ بابت ڪوڙ ڳالهائي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.