فيض آباد ڌرڻو ڪميشن رپورٽ ۾ فيض حميد کي ڪلين چٽ، شهباز شريف ۽ پنجاب حڪومت ذميوار قرار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري ڪميشن فيض حميد کي ڪلين چٽ ڏيندي پنجاب حڪومت کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ڪميشن فيض حميد سان گڏ ڊي جي رينجزر پنجاب ميجر جنرل نويد اظهر حيات کي به آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ 149 صفحن تي ٻڌل آهي.
سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ٽي رڪني انڪوائري ڪميشن اڳوڻي آءِ جي سيد اختر علي شاهه جي صدارت ۾ قائم ٿي هئي، اڳوڻو آءِ جي طاهر عالم ۽ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو سينيئر آفيسر خوشحال خان ڪميشن جا ميمبر هئا.
ذريعن موجب، انڪوائري ڪميشن تحريڪ لبيڪ جي فيض آباد ڌرڻي سان جڙيل معاملن جو جائزو وٺي سفارشون تيار ڪيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ اسلام آباد پوليس، گهرو کاتي، پنجاب حڪومت، آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي تي پڻ روشني وڌي وئي آهي جڏهن ته رپورٽ ۾ اڳوڻي قانون واري وزير زاهد حامد بابت معاملن جا تفصيل به لکيل آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيض حميد کي سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ پاران ٺاهه ڪرائڻ جو اختيار ڏنو ويو هو، ان وقت جي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد کي معاهدي جي اجازت ڏني.
رپورٽ موجب، پنجاب حڪومت ووٽ بينڪ بچائڻ لاءِ مظاهرين خلاف ڪارروائي نه ڪئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ شهباز شريف مدد ۾ اداري يا اداري جي ماڻهن جي ڪردار کان انڪار ڪيو.
ڪميشن موجب اڳوڻي ڊي آءِ جي آءِ بي آفتاب سلطان به اداري يا اداري جي ماڻهن جي ڪردار کان انڪار ڪيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي انتها پسندي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان جي سمورن نقطن تي عمل يقيني بڻايو وڃي.
ڪميشن سفارش ڪئي آهي ته ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم ۾ ڪمزورين جو ازالو ڪيو وڃي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاليسيون ٺاهيندڙن کي فيض آباد ڌرڻي بابت به سبق حاصل ڪرڻو پوندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي پاليسين ۾ خامين سبب فيض آباد ڌرڻي جهڙن واقعن کي هٿي ملندي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پنجاب حڪومت ٽي ايل پي مارچ کي لاهور ۾ روڪڻ بدران اسلام آباد وڃڻ جي اجازت ڏني، جاڙن شهرن جي پوليس ۾ رابطي جو فقدان سبب فوتگيون ٿيون، سوين ماڻهو زخمي ٿيا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت احتجاج ڪندڙن جي قيادت سان رسائي لاءِ آءِ ايس آءِ جون خدمتون حاصل ڪيون.
رپورٽ موجب، 25 نومبر 2017ع تي ايجنسي جي سهڪار سان معاهدو ٿيو جنهن تي احتجاج ڪندڙ ڇڙ وڇڙ ٿي ويا، ڌرڻي دوران فوجي آفيسرن، نواز شريف ۽ وزيرن کي سوشل ميڊيا تي ڌمڪيون مليون، سوشل ميڊيا پروپئگنڊا خلاف حڪومت ايڪشن وٺڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته فيض آباد ڌرڻي دوران شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير هو، ان وقت ملڪي قيادت ڪنهن اداري يا اهلڪار کي صورتحال جو ذميوار قرار نه ڏنو، سويلين معاملي ۾ فوج يا ايجنسي جي مداخلت سان اداري جي ساک سخت متاثر ٿي، فوج کي تنقيد کان بچڻ لاءِ عوامي معاملن ۾ ملوث نه ٿيڻ گهرجي، عوامي معاملا حل ڪرڻ آءِ بي ۽ سول ايڊمنسٽريشن جي ذميواري آهي.
رپورٽ موجب، پنجاب حڪومت غافل ۽ ڪمزور رهي جنهن سبب رتو ڇاڻ ٿي، عقيدي جي بنياد تي تشدد جي خاتمي لاءِ امن کي اسٽريٽجڪ مقصد بڻائڻو پوندو، رياست آئين، انساني حقن، جهموريت ۽ قانون جي حڪمراني تي ٺاهه نه ڪري.
ڪميشن تجويز ڏني ته اسلام آباد مقرريءَ کان اڳ پوليس آفيسرن کي ڏکين علائقن ۾ مقرر ڪيو وڃي، امن امان جي بحالي حڪومت جي ذميواري آهي، ٻين شعبن کي مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، پُرتشدد انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ زيرول ٽالرينس پاليسي لازمي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.