نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت کي پهريون ورلڊڪپ کٽائيندڙ ڪپتان ڪپل ديو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪپل ديو چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت پاڙيسري آهن ۽ ٻنهي سٺو پاڙيسري بڻجڻ گهرجي، اڳتي وڌڻ جو رستو صرف ڳالهه ٻولهه آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان کي وڏو ڀاءُ بڻجي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڪجهه ٿي چڪو آهي اهو وساري، ٻنهي ملڪن کي بهتر مستقبل لاءِ ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن.
ياد رهي ته ايشيا ڪپ 2025 ۾ جتي ڪيئي دلچسپ مقابلا ٿِيا، اتي ئي سڄو ٽورنامينٽ مودي سرڪار جي هوڏ سبب متاثر ٿي ۽ هٿ ملائڻ کان شروع ٿيندڙ تڪرار ڀارتي ٽيم جي ڪاميابي جي باوجود هٿين خالي ميدان ڇڏڻ تي ٿيو.
You might also like