ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا مدِيحه امام هڪ دلچسپ انڪشاف ڪيو آهي ته پرڏيهه ۾ هڪ عورت کيس يمنيٰ زيدي سمجهي پنهنجي مڙس سان وڙهي پئي هئي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت دوران مدِيحه امام ميزبان سان ڳالهائيندي اهو قصو ٻڌايو ته ”هڪ ڀيري مان ملڪ کان ٻاهر هڪ شاپنگ مال ۾ هيس جتي اوچتو هڪ عورت ڊوڙندي موٽ آئي ۽ چيو ته کيس منهنجا ڊراما ڏاڍا وڻندا آهن، پوءِ هوءَ ڊرامن جا نالا کڻڻ لڳي.“
مدِيحه امام موجب، جڏهن ڊرامن جا نالا ٻڌا هوءِ حيران ٿي وئي ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪو به سندس ڊرامو نه هو ۽ جڏهن هوءَ مشهور ۽ هٽ ڊرامن جا نالا کڻڻ لڳي ته سمجهي ويس ته عورت مون کي يمنيٰ زيدي سمجهي رهي آهي.
اداڪارا چيو ته” مون ڄاڻي واڻي خاموشي اختيار ڪئي ته ٿي سگهي ٿو هوءَ سيلفي وٺي هلي وڃي ۽ پوءِ پاڻ سمجهي وڃي، پر ائين نه ٿيو، هن مون کان آٽوگراف به ورتو۔ مونکي سمجهه نه پئي آئي ته کيس ڪيئن ٻڌايان ته مان مدِيحه آهيان، يمنيٰ نه. “
مدِيحه امام جو چوڻ عورت جو مڙس به اچي ويو ۽ واضح ڪيو ته هي مدِيحه آهي، يمنيٰ ناهي، پر ان جي باوجود عورت اِهو مڃڻ لاءِ تيار نه هئي ۽ پنهنجي مڙس سان وڙهي پئي، هوءَ چوندي رهي ته ”مان ڊراما ڏسان ٿي، مونکي خبر آهي يا توکي ته هيءَ ڪير آهي. “
مدِيحه وڌيڪ چيو ته ”نيٺ مون ان جي آٽوگراف تي رڳو ” لَو “ لکيو ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي مڙس سان وڙهندي اتان هلي وئي.
You might also like