ايشيا ڪپ فائنل هارائڻ بعد پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي ڏيهه واپسي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي ۾ شرڪت کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر وطن واپس پهچي ويا.
پاڪستاني ڪرڪيٽرز رات دير سان دبئي کان پرڏيهي اُڏام ذريعي لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتا.
ڏيهه ورندڙ رانديگرن ۾ ڪپتان سلمان علي آغا، فهيم اشرف، حسن علي ۽ سلمان مرزا شامل آهن.
ياد رهي ته ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي جي فائنل ۾ ڀارت پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي نائون ڀيرو ايشين چيمپيئن بڻيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.