پاڪ -سعودي لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي پارٽنرشپ ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي پارٽنرشپ ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اسپيشل انويسٽمينٽ ڪائونسل اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته مان سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان ۽ سندس وفد جي پاڪستان ۾ دائمي رابطن کي اجاگر ڪريان ٿو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اسان جي ڀائيواري گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ بهتر مستقبل جي ويجن تي ٻڌل آهي.
اسحاق ڊار چيو ته اسان جي ڀائيواري گڏيل مقصدن ۽ خوشحال مستقبل تي ٻڌل آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پارٽنرشپ انتهائي اهم آهي.
هن چيو ته ايس آءِ ايف سي پاڪ سعودي لاڳاپن ۽ مذهبي ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل آهي، ايس آءِ ايف سي سيڙپڪاري ۽ تعاون وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو.
اسحاق ڊار چيو ته قابل تجديد توانائي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، زراعت، توانائي، معدنيات ۾ تعاون جا بهترين موقعا آهن، جڏهن ته آءِ ٽي ۽ مائننگ جي شعبن ۾ تعاون ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند آهي.
سندس چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي سهڪار سان بهتري جي اميد آهي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ٻنهي ملڪن جي مستقبل لاءِ فائديمند آهي.
ان کان اڳ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي وفد کي پي آءِ اي، ايئرپورٽس جي نجڪاري ۾ جوائنٽ وينچر جي آڇ ڪئي .
سعودي وفد کي اسلام آباد ۾ ٻن فائيو اسٽار هوٽلز جي نجڪاري ۾ به جوائنٽ وينچر جي آڇ ڪئي وئي .
سعودي وفد کي مٽياري ٽرانسميشن لائن ۽ فرسٽ وومين بئنڪ جي به آڇ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.