صدر آصف علي زرداري سان سعودي پرڏيهي وزير جي ملاقات، اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري سان سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان جي ملاقات ڪئي .
ملاقات ۾ مضبوط ڀائيواري قائم ڪرڻ، اقتصادي سهڪار وڌائڻ جو عزم ورجايو ويو.
ملاقات دوران ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پراڻا ۽ ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا آهن.
هن چيو ته پاڪستان سعودي سان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ ۽ اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.
صدر جو چوڻ هو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام خادمين حرمين شريفين لاءِ انتهائي احترام جا جذبا رکي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهندو..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.